وفاق جي سنڌ جي ترقي ۾ دلچسپي ناهي، فنڊ نه مليا ته احتجاج ڪري سگهون ٿا: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ترقيءَ ۾ دلچسپي ناهي وٺندي ۽ وفاقي فنڊن تحت سنڌ صوبي ۾ هلندڙ رٿائن ۾ انهن جي دلچسپي نه آهي. اهڙِي قسم جي صورتحال ۾ سنڌ وٽ ٻيو ڪو به آپشن نه آهي پر ان حوالي سان پهرين مرحلي ۾ خاطرخواهه پليٽفارم تي آواز اٿاريو ويندو، انهيءَ بعد آپشن کليل آهن ۽ اسيمبلين ۾ احتجاج ڪري سگهجي ٿو. هن اها ڳالهه اڄ خميس ڏينهن نئين گاج ڊيم، ڊراوٽ ڊيم ۽ سکر بئراج جي بحاليءَ بابت جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي آف نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل (ايڪنڪ) نثار احمد کهڙو، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جو آبپاشيءَ بابت خاص معاون  اشفاق ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، اسپيشل سيڪريٽري زراعت شڪيل شيخ، اسپيشل سيڪريٽري آبپاشي اسلم انصاري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي پي ايس ڊي پي سان سکر بئراج جي بحالي ۽ ماڊرنائيزيشن جهڙي رٿائن کي واپس وٺي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي 100 ملين رپيا رٿابندي ۽ سڌاران واري وزارت کي سلينڊر ڪري ڇڏيا آهن جيڪا سنڌ جي عوام سان ناانصافي آهي. هن چيو ته سکر بئراج اسانجي زرعي معيشت جي زندگي آهي ۽ صوبائي حڪومت وڏي جدوجهد ۽ ڪاوشن کانپوءِ ان جي وفاقي حڪومت کان منظوري ورتي هئي، ان تي چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم وڏي وزير کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت کين سکر بئراج اسڪيم جي ري-ايڊجسٽمينٽ لاءِ خط موڪليو آهي. مراد علي شاهه نئين گاج واري هڪ ٻي رٿا تي اٿاريندي چيو ته ان رٿا کي 2009ع ۾ وفاقي حڪومت 16.9 بلين رپين کان شروع ڪيو هو جنهن جو مقصد زرعي ترقيءَ لاءِ آبپاشيءَ جي پاڻي جي ريسورسز جي بچت ڪرڻ، ٻوڏ کان بچاءَ ۽ هائيڊرو پاور جنريشن هو، ان ڊيم جي تعمير سان ٻوڏ واري پاڻيءَ کي نئين گاج هِل ٽورينٽ ۾ وجهڻ هو ته جيئن 22962 ايڪڙ ايراضيءَ کي آباد ڪري سگهجي. هن چيو ته 2009ع ۾ رٿا جي لاڳت 16.924 بلين رپيا هئي جنهن ۾ صوبائي حڪومت جو حصو 1.56 بلين رپيا هو، 2012ع ۾ ان رٿا تي نظرثاني ڪئي وئي ۽ نظرثاني ڪيل لاڳت 26.23 بلين رپيا هئي جنهن ۾ صوبائي حڪومت جو حصو 1.89 بلين رپيا مقرر ڪيو ويو. انهيءَ کانپوءِ جنوري 2019ع ۾ ان ٻيهر نظرثاني ڪئي وئي ۽ نظرثاني ڪيل لاڳت 41.79 بلين رپيا ٿي ۽ هاڻي وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي حصي جي طور تي 22 بلين رپيا ادا ڪرڻ جو چئي رهي آهي جيڪو اسان لاءِ ممڪن نه آهي. اسان چاهيون پيا ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ جيڪي رٿائون شروع ڪيون آهن اهي لازمي مڪمل ڪيون وڃن. هن سنڌ جي ايڪنڪ ۾ ميمبر نثار احمد کهڙي تي زور ڀريندي چيو ته  ان مامري کي ايڪنڪ جي ايندڙ اجلاس اٿاريو وڃي جيڪو 23 جنوريءَ تي اسلام آباد ۾ ٿيندو. هن چيو ته اسانجو موقف بلڪل واضح آهي جنهن جي اسان انهن کي آگاهي ڏني آهي. واضح رهي ته نئين گاج رٿا ضلعي ڄامشوري ۾ واقع آهي. اجلاس ۾ هڪ وڌيڪ رٿا ڊراوٽ ڊيم تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو، اها رٿا تعلقي ٿاڻو بولا خان ضلعي ڄامشوري جي ڳوٺ جهانگيري ويجهو نئين باران ندي ڀرسان گريوٽي ڊيم واقع آهي، وفاقي حڪومت 2010ع ۾ 3.17 بلين رپين جي لاڳت سان اها رٿا شروع ڪئي هئي جنهن جو مقصد 150 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي ذخيرو ڪرڻ هو ته جئين 10000 ايڪڙ ايراضي کي آباد ڪري سگهجي، ان جي تڪميل جي تاريخ آگسٽ 2014ع هئي. مراد علي شاهه چيو ته رٿا جي ٻيهر نظرثاني ڪيل لاڳت 11.7 بلين رپيا هئي پر هاڻي تائين رٿا مڪمل ناهي ٿي سگهي، انهيءَ ڪاهليءَ مان ظاهر ٿئي پيو ته وفاقي حڪومت سنڌ صوبي ۾ پنهنجون رٿائون مڪمل ڪرڻ ۾ سنجيده نه آهي. وڏي وزير چيو ته ٻين رٿائن جن ۾ سست رفتاريءَ سان ڪم ٿي رهيو آهي انهن ۾ آر بي او ڊي ون ۽ ٽو سميت ريني ڪئنال شامل آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته ڪراچي شهر لاءِ 1200 ڪيوسڪ (650 ايم جي ڊي) اضافي پاڻي مختص ڪري.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *