وفاق جو اينٽي ڪرپٽن تي اعتماد ناهي، ڪرپشن نالي سنڌ تي حملو ڪيو پيو وڃي: وڏو وزير

ملير (ڊ ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پهريون ججن جا فيصلا ڳالهائيندا هئا پر هاڻي پاڻ به ڳالهائي رهيا آهن. ڪراچي ۾ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. ملير بار ايسوسيئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته هو عدليه کي مضبوط ڏسڻ چاهين ٿا پر ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته امن امان سندن ۽ وفاقي سرڪار جي پهرين ذميواري آهي. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن جي نالي تي سنڌ مٿان حملو ڪيو پيو وڃي، ڪجهه ماڻهو چور دروازي کان اقتدار حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. وڏي وزير چيو ته وفاق پهريون سهڪار ڪندو هو، هاڻي خبر ناهي ته ڪري رهيو آهي يا نه؟ هن چيو ته سنڌ ۾ ايتري ڪرپشن ناهي رڳو تاثر ڏنو پيو وڃي، وفاق کي اينٽي ڪرپشن کاتي تي اعتماد ئي ناهي. سندس چوڻ هو ته نيب پلي بارگين ذريعي ملندڙ رقم سنڌ سرڪار حوالي ڪري، اها رقم خبر ناهي ته وڃي ڪيڏانهن ٿي؟ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ٿرپرڪار ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ منصوبا لڳايا ويا آهن، رستي ۾ مرندڙ ٻارڙن جي ذميواري به مٿن لڳائي پئي وڃي. هن چيو ته سياست ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، سندن جدوجهد عوامي حڪمراني لاءِ آهي. سندس چوڻ هو ته رينجرز ۽ پوليس ڪراچي جي شهرين ۾ تحفظ جو احساس پيدا ڪيو آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته مٺي سول اسپتال جي صورتحال حيدر آباد کان بهتر آهي، ڀلي جائزو وٺي ڏٺو وڃي. سيد قائم علي شاهه چيو ته نالين مٿان حددخليون ختم ڪرڻ تي اعتراض ڪيا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *