وفاقي گهرو وزير ۽ گورنر سنڌ جي ملاقات، آپريشن تيز رفتاري سان جاري رکڻ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ملاقات ڪري ڪراچي ۾ آپريشن تيز رفتاري سان جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار گورنر داڪٽر عشرت العباد سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽيڊ آپريشن تي غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات دوران وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته آپريشن سان ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *