وفاقي ڪابينا ۾ ڦير ڦار، فواد چوڌري کان قلمندان واپس، اسد عمر عهدو ڇڏي ڏنو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار ڪندي/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 52
فواد چوڌري سميت ٻين وزيرن کان سندن قلمدان واپس وٺي ڇڏيا. وزير اعظم هائوس طرفان جاري پڌرائي موجب فواد چڌري کان سڌُ سماءَ واري وزارت واپس وٺي کيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. وزير اعظم هائوس جي ترجمان موجب اعجاز شاهه وفاقي گهرو وزير بڻايو ويو آهي.  ان کان سواءِ غلام سرور خان کان پيٽروليم واري وزارت وٺي ايوي ايشن واري وزارت ڏني وئي آهي، شهريار آفريدي هاڻ مملڪتي گهرو وزير نه پر رياستي ۽ سرحدي معاملن بابت مملڪتي وزير (سيفران) هوندو. وزير اعظم هائوس جي ترجمان موجب محمد ميان سومري کان ايوي ايشن واري وزارت ورتي وئي آهي جڏهن ته خانگائڻ واري وزارت جو قلمدان هن وٽ ئي رهندو. وزير اعظم آفيس موجب ظفر الله مرزا کي وزير اعظم جو نيشنل هيلٿ بابت صلاحڪار بڻايو ويو آهي جڏهن ته فردوس عاشق اعواڻ کي وزير اعظم جي سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي. عبدالحفيظ شيخ کي ناڻي وارو صلاحڪار بڻايو ويو آهي ۽ في الحال ناڻي واري وزير جي نالي جو اعلان ناهي ڪيو ويو. اعظم سواتي کي پارليماني معاملن بابت وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي. وزير اعظم آفيس جي ترجمان موجب نديم بابر کي وزير اعظم جو پيٽروليم ڊويزن بابت خاص مددگار جڏهن ته ظفر الله مرزا کي قومي صحت بابت مددگار مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب علي امين گنڊاپور کان ڪشمير معاملن، عامر محمود ڪيان کان قومي صحت ۽ طارق بشير چيما کان هائوسنگ جي وزارت به واپس ورتي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم واري وزير کان استعيفيٰ ناقص ڪاڪردگي جي بنياد تي ورتي وئي آهي. ذريعن موجب مونس الاهي کي هائوسنگ واري وزارت ڏيڻ جا امڪان آهن. ان حوالي سان فواد چوڌري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغام چيو آهي ته وزير اعظم وفاقي ڪابينا ۾ ڦير ڦار جو فيصلو ڪيو آهي ۽ وزير اعظم آفيس ان حوالي سان اعلان ڪندي.

 

ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر  عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ايندڙ وفاقي بجيٽ وڌيڪ مشڪل هوندي، اهو نه ٿو چئي سگهان ته ٽن مهينن ۾/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 42

کير ۽ ماکيءَ جون نديون وڌنديون. هن چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ وڌيڪ تبديليون اينديون، وزيراعظم اڄ يا سڀاڻي ڪابينا ۾ وڌيڪ تبديليون آڻيندو. سندس چوڻ هو ته  وزيراعظم ملڪ جي بهتري لاءِ تبديليون ڪري رهيو آهي. اسد عمر چيو ته  عمران خان بار بار چئي چڪو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم چاهي ٿو ته مان توانائي واري وزارت سنڀاليان پر مان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايندڙ بجيٽ آءِ ايم ايف جي پروگرام تحت ئي ٺهندي،  نئين پاڪستان لاءِ منهنجون خدمتون حاصر آهن. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ڇڏڻ جون ڳالهيون غلط آهن، پاور پاليٽيڪس جو حصو نه رهيو آهيان. اسد عمر چيو ته اسان جي معيشت ڏکي وقت مان گذري رهي آهي، ڪنهن به سازش جو حصو نه آهيان، جيڪو به ڪندو آهيان سڀني جي سامهون ڪندو آهيان. هن چيو ته اڄ به پڪ آهي ته نئون پاڪستان ٺهندو ۽ عمران خان قيادت ڪندو. سندس چوڻ هو ته  وزيراعظم پهريون به چيو هو ته جيڪو ڪارڪردگي ڏيکاريندو ڪابينا ۾ رهندو. اسد عمر چيو ته مان پاڪستان جي بهتري لاءِ حڪومت ۾ شامل ٿيس، عوام جو تيل ڪڍڻ جي فيصلن ۾ شامل نه ٿيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *