وفاقي ڪابينا پاران سرڪاري نوڪرين تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سرڪاري نوڪرين تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم نواز شريف هڪ ڀيرو وري بجلي جي واڌو بلن جو نوٽيس وٺندي صارفين کي موڪليل غلط بلن کي هنگامي بنيادن تي صحيح ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته وفاقي ڪابينا بجلي جي وڌيڪ بلن جي ذميدارن خلاف سخت ڪاروائي جو فيصلو ڪندي بجلي صارفين کان ورتل وڌيڪ بلن کي اڳين مهيني ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. وزيراعظم جي سربراهي ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين ۽ بجلي جي وڌيڪ بلن تي ويچاريو ويو. وزيراعظم نواز شريف جي سربراهي ۾ وفاقيڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن کان علاوه وزيراعظم جي توانائي جي صلاحڪار مصدق ملڪ ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين به شرڪت ڪئي. مصدق ملڪ اجلاس ۾ بجلي جي وڌيڪ بلن تي ڪابينا کي رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ پاڻي ۽ بجلي وزارت طرفان وڌيڪ بلن جي واپسي ۽ عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ سفارشون به ڏنيون ويون. پاڻي ۽ بجلي صلاحڪار پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته ميٽر ريڊرز ريڊنگ ڪرڻ بغير اندازي موجب ريڊنگ وڌي، اندازي موجب 5 3  سيڪڙو صارفين کي بجلي جا وڌيڪ بل موڪليا ويا، بجلي ونڊيندڙ ڪمپنين تي سرڪلر ڊيٽ تي ضابطي آڻڻ جو سخت دٻاءُ هو جنهن سبب گهربل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ واڌو بل موڪليا ويا. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا بجلي جي گهڻن بلن جي ذميدارن خلاف سخت ڪاروائي جو فيصلو ڪندي بجلي جي صارفين کان ورتل وڌيڪ بلن کي اڳين مهيني ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. وزيراعظم نواز شريف بجلي جي واڌو بلن جي معاملي کي آڊٽ ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته انهيءَ دوران اجلاس ۾ مصدق ملڪ عوامي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان به سفارشون پيش ڪيون آهن. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ٻوڏ جي تباهڪارين ۽ امدادي سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ چيو ويو ته ٻوڏ جي تباهي سان ابتدائي ڪاٿي موجب 6  لک خاندان متاثر ٿيا، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ خاندانن جي بحالي لاءِ جامعه پيڪيج تيار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ملڪ جي موجودهه سياسي صورتحال ۽ آپريشن ضرب عضب متعلق معاملن جو به جائزو ورتو ويو. وزيراعظم نواز شريف پنهنجي گڏيل قومن جي دوري متعلق وفاقي ڪابينا سان مشاورت ڪئي. اجلاس ۾ بجلي چوري جي بل ۾ سزائن ۽ ڏنڊن ۾ ترميمن جو مسودو پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا نيشنل ميٽرولاجيڪل انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جي بل جي به منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم جي صدارت ۾ صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ 4 اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. وفاقي ڪابينا سرڪاري نوڪرين تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سمورا سرڪاري کاتا  خالي جاين تي ڀرتين ۾ آزاد هوندا. ميرٽ تي نوڪريون حاصل ڪرڻ ماڻهن جو حق آهي. سرڪاري نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون وينديون. ٻوڏ متاثرن هر خاندان کي عيد کان اڳ ۾ 25 هزار روپيا ڏنا ويندا. متاثرن لاءِ اڌ رقم صوبائي حڪومت جڏهن ته اڌ رقم وفاقي حڪومت پاران جاري ڪئي ويندي. وفاق حڪومت فصلن جي نقصان جو ازالو ڪندي جڏهن ته گهرن جي تعمير ۽ مال جي نقصان جي ازالي لاءِ معاونت فراهم ڪئي ويندي. پرويز رشيد چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ وڌيڪ يونٽس وارن کي سهوليت ڏني ويندي. 200 يونٽ وارن صارفين کي اضافي بل ايندڙ مهيني ايڊجسٽ ڪيا ويندا. ڪابينا جي اجلاس ۾ مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 12 هزار ڪرڻ کي قانوني تحفظ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گهٽ  ۾ گهٽ 12 هزار پگهار کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي. پريس ڪانفرنس ۾ عابد شير علي جو چوڻ هو ته حڪومت پنهنجين ذميوارين کان آگھاهه آهي. عوامي مسئلا اسان جا نه پر گذريل حڪومت جا پيدا ڪيل اهي. وزيراعظم بجلي جي واڌو بلن ي جانچ ۽ سڄي معاملي جو ٽن مختلف ڪمپنين کان آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته اضافي بل کاتي جي ملي ڀڳت کانسواءِ ممڪن ناهن. اوور بلنگ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *