وفاقي ڪابينا نئين مالي سال 16-2015 جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڪابينا نئين مالي سال 6 1 Á5 1 0 2 ع جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ساڍا 7 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته گذريل 3 سالن جي ايڊهاڪ رليف کي بنيادي پگهار ۾ ضم ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل الائونس ۾ 5 2 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي ،دهشتگردي جي واقعن ۾ مارجي ويلن جا قرض به معاف ڪيا ويا آهن. وفاقي ڪابينا جو اجلاس پارليامينٽ هائوس جي ڪاميٽي روم نمبر 2 ۾ وزيراعظم جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي، ناڻي وزير اسحاق ڊار بجيٽ تي ڪابينا کي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ حڪومت جي ٻن سالن ڪاميابين، معيشت جي بهتري، ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ سميت ٻين شعبن ۾ ڪاميابين جي حوالي سان بريف ڪيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ناڻي وزارت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جي تجويز رکي هئي، جنهن تي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق، شيخ آفتاب احمد ۽ ٻين وزيرن چيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جي تجويز تمام گهٽ آهي، اسان کي گهٽ ۾ گهٽ 0 1 سيڪڙو واڌ ڪرڻ گهرجي، ڇوته مهانگائي جي شرح جنهن حساب سان وڌي ۽ گهٽجي ٿي، ان حساب سان پگهارن ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي، ان معاملي تي ڪافي دير بحث مباحثو ٿيندو رهيو، جنهن تي وزيراعظم به ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي چيو ته ڪابينا جي ميمبرن جي راءِ جو احترام ڪيو وڃڻ گهرجي، ڪابينا اجلاس جي آخر ۾ ان ڳالهه تي فيصلو ڪيو ويو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ساڍا 7 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي. اجلاس ۾ زرعي شعبي تي به ڊيوٽي گهٽائڻ جي منظوري ڏني وئي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *