وفاقي ڪابينا فلسطين لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ڪابينا فلسطين لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فلسطين لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي، منظوري کانپوءِ پاڪستاني حڪومت فلسطين لاءِ طبي سامان موڪليندي. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ اي سي سي جي فيصلن جي منظوري پڻ ڏني وئي، اي سي سي آءِ پي پيز کي 40 سيڪڙو رهتون ادا ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. وفاقي ڪابينا ڪرتارپور راهداري منصوبي کي پيپرا رولز کان ڇوٽ ڏيڻ جي به اصولي منظوري ڏني، جڏهن ته ٽيڪنيڪي معاملا ڏسڻ لاءِ معاملو پيپرا کي موڪليو ويو. ڪابينا گڏيل قومن جي چئن گاڏين کي پاڪستان رستي ڪابل وڃڻ جي منظوري به ڏني، جڏهن ته پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 70 سال مڪمل ٿيڻ تي يادگاري سڪو جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ريلوي پوليس جي اختيارن جي دائري سان لاڳاپيل ايس آر اوز جاري ڪرڻ جي منظوري سميت اليڪشن ڪميشن جي سالياني رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي، گڏوگڏ ڪابينا نجي ايئر لائن کي پيسينجر اينڊ ڪارگو لائسنس جاري ڪرڻ جي منظوري به ڏني.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *