وفاقي ڪابينا جو اجلاس: ننڍي ڪاروبار وارن لاءِ رليف پيڪيج ۽ صحافين لاءِ گرانٽ منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا کنڊ بحران جي جاچ ڪميشن کي حتمي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ 3 هفتن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته صحافين لاءِ گرانٽ به منظور ڪئي وئي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي گذريل ٻن اجلاسن ۾ ٿيندڙ فيصلن جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب وزيراعظم صورتحال کي نظر ۾ رکندي هدايت ڪئي ته عام شهرين جي بنيادي ضروري شين کي برآمد ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي ۽ ان فيصلي جو جائزو ٻن هفتن کانپوءِ ورتو ويندو.  وزيراعظم مزدورن کي 75 ارب رپين جي رليف پيڪيج جي پهرين مرحلي جي منظوري ڏيندي عوامي ڀلائي بابت خاص مددگار ۽ صنعت واري وزير کي هدايتون ڏنيون ته مزدورن کي رليف پيڪيج جي فراهمي لاءِ اثرائتو نظام واضح ڪيو وڃي. ڪابينا شائستا بانو گيلاني کي پاڪستان مسابقتي ڪميشن جي قائم مقام چيئرپرسن مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا طرفان کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جي جاچ ڪندڙ ڪميشن طرفان رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ 3 هفتا ڏيڻ جي درخواست به منظوري ڪئي وئي. اجلاس ۾ صحافين جي حوالي سان گرانٽ به غور هيٺ آئي ۽ وفاقي حڪومت طرفان صحافين جي تنظيمن، خاص طور پريس ڪلبن لاءِ گرانٽ رکڻ جي منظوري ڏني وئي. سڌ سماءَ بابت خاص مددگار کي حقدار صحافين ۽ تنظيمن ۾ گرانٽ جي ورهاست جو طريقي ڪار واضح ڪرڻ جھي ذميواري ڏني وئي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪورونا وائرس بابت طبي عملي سان سهڪار لاءِ پيڪيج جي به منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڪابينا غير يقيني صورتحال يا ڏيوالو ٿيڻ ۽ ٻين مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ مالياتي معاهدن جي بل 2020 جي به منظوري ڏني، جيئن ئي اهو قانون لاڳو ٿيندو، معاهدن ۾ شفافيت کي برقرار رکيو ويندو. ڪابينا بجلي ۽ گئس فراهم ڪندڙ سڀني ڪمپنين کي ڪريڊٽ بيورو ميمبر ٿيڻ ۽ ڪريڊٽ بيورو ايڪٽ 2015 موجب ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي تجويز جي منظوري پڻ ڏني.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *