وفاقي ڪابينا اجلاس: مريم نواز بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان يو ويندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات بابت وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وفاقي ڪابينا بنا نالي ايڪٽ تحت خاص بئنچ جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته اجلاس ۾ 16 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، بنا نالي ايڪٽ تحت ڪيس خاص بئنچن کي موڪليا ويندا. هن چيو ته اجلاس ۾ وزيراعظم آمريڪا جي دوري جي حوالي سان ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو، هو ڪشميرين جو سفير بڻجي آمريڪا وڃي رهيو آهي ۽ هن خطي جي پرامن ماحول کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي ۽ وزيراعظم ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿو، تنهن ڪري حڪومت ”اسپيشل ميڊيا ٽربيونل“ ٺاهيندي، جنهن ۾ حڪومت سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن جو احتساب ٿي سگهندو، ٽربيونل کي اختيار حاصل هوندو ته شڪايت تي منهنجو، توهان جو ۽ صحافتي ادارن جي مالڪن سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن جو احتساب ڪري سگهي. فردوس عاشق اعواڻ موجب شڪايت پيمرا جي ”شڪايت ڪائونسل“ مان نڪري ميڊيا ٽربيونل ۾ منتقل ٿي ويندي، ميڊيا ٽربيونل نين ۽ ٻڌڻي هيٺ شڪايتن يا ڪيسن جو جائزو وٺندو، اسپيشل ميڊيا ٽربيونل جي سرپرستي اعليٰ عدليا ڪندي ۽ ٽربيونل 90 ڏينهن اندر شڪايت جو ازالو ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪابينا ن ليگ اڳواڻ مريم نواز بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *