وفاقي وزير اسحاق ڊار سان آمريڪي سفير رچرڊ اولسن جي ملاقات، پاڪ امريڪا لاڳاپن تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير رچرڊ جي سومر ڏينهن ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان ملاقات ڪري پشاور ۾ دهشتگردن هٿان معصوم شاگردن ۽ عملي جي ملازمن جي قتل عام واري واقعي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي گالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته اهو واقعو ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڏکوئيندڙ واقعو هو پر حڪومت ملڪ اندر دهشتگردي جي هميشه لاءِ پاڙ پٽڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڄي قوم ۽ سياسي قيادت ۾ مڪمل اتفاق راءِ قائم آهي. آمريڪي سفير رچرڊ اولسن چيو ته ناڻي واري وزير کي آءِ ايم ايف جي چوٿين ۽ پنجين جائزي جي ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 15 ارب ڊالرز تائين پهچائڻ تي مبارڪون پڻ ڏنيون. 15 ارب ڊالرز جي حد عبور ڪرڻ بعد پاڪستان کي نئين سر تعمير ۽ ترقي واري عالمي بينڪ (آءِ بي آر ڊي) ميمبر ٿيڻ ۽ بهتر پيڪيج حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي ويو آهي. اولسن ناڻي واري وزير سان ملاقات دوران ڪيري لوگر ايڪٽ تحت سول امداد واري پيڪيج جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي. آمريڪي سفير چيو ته ڪانگريس پاڪستان لاءِ 53 ڪروڙ 20 لک ڊالر جي امدادي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ان امداد واري رقم جو گهڻو حصو اتر وزيرستان ايجنسي ۾ بي گهر ٿيل ماڻهن جي بحاليءَ تي خرچ ڪندي. آمريڪي سفير ان موقعي تي آمريڪا جي پرڏيهي وزير جان ڪيري جي ايندڙ مهيني امڪاني دوري جي حوالي سان معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار آمريڪي سفير سان بوئنگ جهازن جي کيپ ترت فراهم ڪرڻ جي معاملن تي پڻ ڳالهايو. وفاقي وزير آمريڪي سفير کي ٻڌايو ته حڪومت امداد ڏيندڙ ادارن ۽ ملڪن جي نمائندن کي آءِ ڊي پيز جي بحالي لاءِ ورتل اپائن بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي ناڻي واري کاتي جو صلاحڪار راڻا اسد امين ۽ شاهد محمود خان ۽ آمريڪي ٽيم جا ميمبر پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *