وفاقي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ 150 سيڪڙو واڌ جي منظوري

اسلام آباد  (اين اين آءِ) وفاقي ڪابينه اسپيڪر چيئرمين سينيٽ وفاقي وزيرن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهارن ۾ 150 سيڪڙو تائين واڌ جي منظوري ڏني آهي اربع تي وفاقي گاڌي واري هنڌ ۾ وزيراعظم نوازشريف جي قيادت ۾ ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 16 نقاطي ايجنٽي تي غور ڪيو ويو فنانس سيڪريٽري وقار مسعود خان پاران پيش ڪيل سفارشن ۾ ٻڌايو ويو ته سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر هن وقت هڪ لک 19 هزار 8 رپيا بنيادي پگهار ٻن الائونسن سان 31 هزار 750 رپيا ۽ 11 هزار 901 رپيا وصول ڪري رهيا آهن اها سفارش ڪئي ويئي هئي ته سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي پگهار 2 لک 5 هزار رپيا جنهن ۾ الائونس به شامل ڪيا وڃن تائين وڌائي وڃي اها به سفارش ڪئي ويئي ته ڊپٽي چيئرمين سينيٽ ۽ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جون پگهارون هڪ 10 هزار 85 رپين مان وڌائي هڪ لک 85 هزار رپيا ڪئي وڃي پارليامينٽ جي ميمبرن جي ماهوار بنيادي پگهارون 44 هزار 630 مان وڌائي هڪ لک 50 هزار رپيا ڪرڻ جي به سفارش ڪئي ويئي هئي وفاقي وزيرن جون پگهارون هڪ لک 14 هزار 897 رپيا ماهوار مان وڌائي 2 لک رپين جي تجويز پيش ڪئي ويئي هئي ۽ اها به سفارش ڪئي ويئي هئي ته انهن کان علاوه مملڪتي وزيرن جون پگهارون هڪ لک 6 هزار 281 رپين کان علاوه الائونسز وڌائي هڪ لک 80 هزار رپيا ڪئي وڃي. ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي سڌسماءُ واري وزير مريم اورنگزيب چيو ته نين پگهارن جو اطلاق پهرين آڪٽوبر کان هوندو واڌ سان قومي ناڻي تي ساليانو 40 ڪروڙ رپيا واڌ جو ٻوجهه پوندو. هن چيو ته 14 سالن کان پوءِ پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي ويئي آهي.  مريم اورنگزيب ٻڌايو ته ڪابينه افغان مهاجرن کي ڊسمبر 2017 تي پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت ڏني آهي جڏهن ته ان عرصي کان پوءِ افغان مهاجرين کي وطن واپس وڃڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *