وفاقي شرعي عدالت جو حڪومت کي 5 سالن ۾ وياج کان پاڪ نظام لاڳو ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (م.ڊ) وفاقي شرعي عدالت وياج جي نظام خلاف درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پاڪستان جهڙي اسلامي ملڪ ۾ وياج کان پاڪ معاشي نظام هجڻ گهرجي، وفاقي شرعي عدالت جي جج جسٽس ڊاڪٽر سيد انور وياجي نظام جي خاتمي لاءِ داخل درخواستن تي فيصلو پڙهي ٻڌايو، وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو ته سمورن عالمن ۽ اٽارني جنرل جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌايو ويو آهي، شرعي عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چين به اسلامي شرعي نظام موجب وياج کان پاڪ بئنڪنگ طرف وڌي رهيو آهي، حڪومت کي گهرجي ته هر قانون مان لفظ ”وياج“ کي ڪڍي ۽ سمورا سرڪاري قانون جن ۾ لفظ ”وياج“ استعمال ٿيو آهي ان کي فوري طور ختم ڪيو وڃي، وفاقي شرعي عدالت حڪومت کي 5 سالن ۾ وياج کان پاڪ نظام لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته 31 ڊسمبر 2027 تائين ملڪ ۾ مڪمل ربا کان پاڪ نظام لاڳو ڪيو وڃي، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رِبا جو خاتمو اسلامي نظام جو بُنياد آهي، قرض سوڌو ڪنهن به صورت ۾ ورتل وياج ربا ۾ اچي ٿو، اسلام ۾ رِبا کان منع ٿيل آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪجهه جاين تي اڳ ئي وياج کان پاڪ بئنڪاري نظام موجود آهي، حڪومت ڏيهي ۽ پرڏيهي قرضن توڙي منتقلين کي وياج کان پاڪ بڻائي، واضح رهي ته جماعت اسلامي سوڌو ٻين پارٽيز ملڪ ۾ وياج جي نظام خلاف وفاقي شرعي عدالت ۾ درخواستون داخل ڪيون هيون

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *