وفاقي سرڪار گم ٿيل شهرين جي معاملي تي ڪميٽي جوڙي ورتي، اعظم نذير تارڙ ڪميٽي جو سربراهه هوندو

اسلام آباد(م.ڊ) وفاقي سرڪار گم ٿيل شهرين جي معاملي تي ڪميٽي جوڙي ورتي آھي، گهرو کاتي طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب قانون جو وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ڪميٽي جو سربراهه هوندو، وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله، اسعد محمود، شازيا مري۽ فيصل سبزواري ڪميٽي جا ميمبرز مقرر ڪيا ويا آهن، ، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي سينيئر قانوندانن، انساني حقن جي نمائندن ۽ ڪنهن به لاڳاپيل ماڻهو کان مدد وٺي سگهي ٿي، ڪميٽي گُم ٿيل شهرين بابت پنهنجي رپورٽ وفاقي ڪابينا وٽ پيش ڪندي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *