وفاقي سرڪار وزيراعظم کي مليل تحفن کي ڪلاسيفائيڊ قرار ڏئي ڇڏيو، تفصيل ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد (م.ڊ) وفاقي سرڪار عمران خان کي وزيراعظم طور مليل تحفن کي ڪلاسيفائيڊ قرار ڏئي ڇڏيو، وزير اعظم عمران خان کي ٻين ملڪن مان مليل تحفن جا تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آھي. ڪابينا ڊويزن انفارميشن ڪميشن جي حڪم کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، ڪابينا ڊويزن جو چوڻ آهي ته ملڪي سربراهن ۾ تحفن جي ڏي وٺ بين الرياستي لاڳاپن جي عڪاسي آهي، اهڙن تحفن جا تفصيل ڏيڻ سان ميڊيا هائيپ ٿيندي ۽ غير ضروري خبرون ڦهلجي وينديون، بي بنياد خبرن سان ملڪي وقار مجروح ۽ ٻين ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿي سگهن ٿا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان انفارميشن ڪميشن ۽ شهري ابرار خالد کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *