وفاقي سرڪار مڪمل ناڪام ٿي چڪي، جمهوريت سان ڪجهه ماڻهو ڊيل ريل ٿي ويا آهن: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حضرت لال شهباز قلندر رحمت الله عليه جي عرس مبارڪ جي موقعي تي پاڪستان توڙي پرڏيهه مان لال سائين جا عقيدتمند مزار تي حاضري ڏيڻ ايندا آهن، حڪومت سنڌ پاران کين ڀرپور سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اپاءُ ورتا ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت لال شهباز قلندر جي عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جي پڄاڻي تي مزار تي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير اوقاف فراز ڏيرو، ميمبر قومي اسيمبلي سردار سڪندر علي راهپوٽو پڻ ساڻس گڏ هئا، جڏهن ته صوبائي سيڪريٽري اوقاف محمد نواز، ايڊيشنل آئي جي غلام سرور جمالي، ڊي آئي جي حيدرآباد محمد نعيم شيخ، ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ، چيئرمين شهباز ميلا ڪميٽي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف منور علي مهيسر، ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم ۽ ٻيا موجود هئا. هن چيو ته گذريل سالن جي مقابلي ۾ هن سال سخت گرمي باوجود پانڌيئڙن جي تعداد ۾ 8 لکن تائين اضافو ٿيو آهي ۽ الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته عرس مبارڪ جون تقريبون خير و خوبي سان پڄاڻي طرف وڌي رهيون آهن، عرس مبارڪ جا ٽئي ڏهاڙا چيئرمين شهباز ميلا ڪميٽي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو سان رابطي ۾ رهي پانڌيئڙن کي ملندڙ سهولتن جي خود نگراني ڪئي، ضلعي انتطاميه پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ بهترين انتظام ڪيا جيڪي قابل تعريف آهن. گورنر سنڌ جي هاڻوڪي بيان بابت پڇيل سوال تي وڏي وزير چيو ته ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي کان پوءِ حڪومت جي معاشي صورتحال ڪمزور ٿي وڃي ٿي ۽ گورنر صاحب کي معاشي معاملن جي ڄاڻ نه آهي ۽ نه ئي سندس اهو ڪم آهي. وڏي وزير چيو ته ٽيڪس جمع ڪرڻ ۾ وفاقي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ وفاقي حڪومت جيڪو به ٽيڪس وصول ڪري ٿي ان ۾ صوبن جو 57.5  سيڪڙو حصو آهي، ناڪام معاشي پاليسين سبب صوبا مالي مسئلن جو شڪار آهن. صدارتي نظام بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته صدر عارف علوي بيان ڏنو آهي ته ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ ۽ صدارتي نظام بابت خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. وڏي وزير چيو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سميت هر باشعور شخص جو موقف آهي ته جمهوري نظام هلڻ کپي پر ڪجهه ماڻهو جيڪڏهن جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ چاهين ٿا ته الله سائين انهن کي هدايت ڏي. سيوهڻ ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته نه صرف سيوهڻ پر پوري صوبي توڙي ملڪ ۾ ڪٿي به نئين ترقياتي اسڪيم شروع نه ٿي آهي، ضلعي سالانه ترقياتي پروگرام لاءِ جيڪي پئسا ڏنا هئا انهن مان جاري اسڪيمن جا خرچ به پورا نٿا ٿين. هن چيو ته ٻيا صوبا معاشي صورتحال بابت ڪنهن مجبوري سبب نٿا ڳالهائين پر سنڌ حڪومت ڳالهائي ٿي ته اهو سمجهيو وڃي ٿو ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي صحيح نه آهي جڏهن ته وفاقي حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب ملڪ معاشي بحران ۾ آهي. هڪ سوال تي سندس چوڻ هو ته اين ايف سي مان سنڌ کي 120 ارب روپيا گهٽ مليا آهن ۽ وفاقي حڪومت تحت هلندڙ ترقياتي ڪمن لاءِ پڻ 11 ارب روپيا گهٽ مليا آهن جڏهن ته وفاقي حڪومت کي 15 ارب روپيا ڏيڻا هئا جنهن مان هن مهل تائين صرف 4 ارب روپيا مليا آهن. هن چيو ته فنڊز جي کوٽ سبب سڀ کان اول ترقياتي اسڪيمون متاثر ٿين ٿيون ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي جي فلور تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندس. هڪ سوال تي هن چيو ته گذريل سال ترقياتي ڪمن تي 204 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا هئا ۽ اهو پهريون ڀيرو هو ته ترقياتي پروگرام هيٺ 200 ارب کان مٿي رقم خرچ ڪئي ويئي، هن سال 75 کان 80 ارب روپيا ترقياتي اسڪيمن تي خرچ ٿيا آهن ۽ مونکي 100 ارب روپيا خرچ ٿيندي نظر نٿا اچن. هن چيو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا سنڌ حڪومت ۾ خرچ ڪرڻ جي اهليت نه آهي انهن کان اهو سوال ٿو ڪريان ته گذريل سال سنڌ حڪومت ترقياتي پروگرام ۾ 204 ارب روپيا ڪيئن خرچ ڪيا. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته الله تعاليٰ نه ڪري ته هن سال وفاقي حڪومت پاران انسان دشمن بجيٽ پيش ڪئي وڃي، اسان جي خواهش آهي ته وفاقي حڪومت هوش کان ڪم وٺي پنهنجو قبلو درست ڪري ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري. سندس چوڻ هو ته اسان جيڪڏهن ڪو مشورو ڏيون ٿا ته چيو وڃي ٿو ته اين آر او گهري رهيا آهن، اسان چئون ٿا ته اسان کي ڪنهن به اين آر او جي ضرورت نه آهي توهان کي جيڪو ڪرڻو اهي اهو ڪريو پر عوام جو خيال ڪريو ۽ ان سان دشمني نه ڪريو. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪڻڪ جي خريداري نه ڪرڻ جا ڪجهه سبب آهن جن ۾ هڪ گذريل سال جي اسٽاڪ جي موجودگي کان سواءِ ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ سبسڊي جو معاملو آهي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت وٽ پئسا نه آهن. هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي سرمائيڪاري لاءِ عالمي ادارا موثر طريقي سان ڪم ڪن پيا ۽ ورلڊ بينڪ پاران ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ مختلف ترقياتي رٿائون هلي رهيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ پوليس جون پگهارون ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن. عمران خان پاران پيپلز پارٽيءَ جي قيادت خلاف تڪليف ڏيندڙ لفظ استعمال ڪرڻ بابت سوال تي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته عمران خان معذرت ڪرڻ جو هنر سکيو ئي نه آهي ۽ مونکي نٿو لڳي ته وفاقي حڪومت جي گاڏي اڳيان هلي سگهندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *