وفاقي سرڪار شڪارپور سانحي جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي سرڪار، شڪارپور سانحي جو سنڌ حڪومت کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته وفاق صرف انٽيليجنس شيئرنگ ڪندو آهي پر سڪيورٽي جي ذميواري صوبن جي آهي. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته شڪارپور سانحو سنڌ حڪومت جي ماتحتي ۾ اچي ٿو . هن چيو ته دهشتگردي واقعن تي ڪنهن به صوبي تي تنقيد ناهي ڪئي، جڏهن ته دهشتگردن خلاف شروع ڪيل آپريشن جو رد عمل سامهون اچي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگرد قوم کي ورهائڻ چاهين ٿا، جڏهن ته سيڪيورٽي جي معاملن تي سياست نه گهرجي. هن چيو ته سانحي ۾آپگهاتي بمبار 5 کان 9 ڪلو ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو. چوڌري نثار چيو ته معاملن کي گڏجي ويهي حل ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته ڪراچي ۾ هوندي شڪارپور سانحي بابت ڄاڻ وٺندا رهيس. وفاقي گهرو وزير  چوڌري نثار چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو، جڏهن ته هڪٻئي بدران دهشتگردي تي آڱريون کڻڻ گهرجي. هن چيو ته امن امان جي صورتحال تي ڪنهن تي به تنقيد نه ٿيڻ گهرجي، صوبي ۾ مقرر فورسز ۽ ڳجھا ادارا وڏي وزير جي ماتحت هوندا آهن. هن جو چوڻ هو ته جيستائين هڪ به دهشتگرد موجود آهي ته آپگهاتي حملا ٿيندا رهندا. چوڌري نثار چيو ته آپگهاتي بمبار جا ڪپڙا سبندڙ درزي کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته ڌماڪي واري هنڌان مليل آپگهاتي بمبار جي آڱر تي سڃاڻپ لاءِ نادرا ڪم ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *