وفاقي سرڪارسي جي لنڪ ڪينال منصوبو گڏيل مفادن واري ڪونسل ۾ آڻڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي آبي وسيلن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس نواب محمد يوسف ٽالپر جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ چشمه جهلم لنڪ ڪينال تي پن بجلي منصوبي جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪونسل ڏانهن موڪلڻ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آبي وسيلن واري وفاقي سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته ان ڳالهه جي حق ۾ ناهيون ته چشمه جهلم لنڪ ڪينال منصوبو گڏيل مفادن واري ڪونسل ۾ آندو وڃي جڏهن ته سنڌ جي آبپاشي واري سيڪريٽري چيو ته اسان ان معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪونسل ۾ کڻي وينداسين. نواب يوسف ٽالپر جو چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير جو ان منصوبي تي اعتراض آهي جڏهن ته مسلم ليگ ن جي مريم اورنگزيب چيو ته هاڻ هي منصوبو تڪراري بڻجي چڪو آهي ان ڪري ان کي گڏيل مفادن واري ڪونسل ۾ موڪليو وڃي. پنجاب جي آبپاشي واري سيڪريٽري چيو ته ڪنهن کي پاڻي چوري ٿيڻ جو خدشو آهي ته آبي ذخيرن تي ٽيلي ميٽري سسٽم لڳايو، ارسا اِهو ٽيلي ميٽري سسٽم ڇو ناهي لڳائيندو، ٽيلي ميٽري سسٽم چشمه، ترٻيلا ۽ ٻين ماڳن تي لڳايو. آبپاشي واري وفاقي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته ارسا فنڊن جي موجودگي جي باوجود ٽيلي ميٽري سسٽم ۾ دير ڪئي، اسان هاڻ ارسا کان اِهي فنڊ واپس وٺي رهيا آهيون، هاڻ ارسا پنهنجي فنڊن سان ٽيلي ميٽري سسٽم لڳائي، هنن وٽ 60 ڪروڙ رپيا پيل آهن. واپڊا اختيارين اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ديامر ڀاشا ڊيم 4500 ميگا واٽ جو منصوبو آهي جيڪو ساڍن اٺن سالن ۾ مڪمل ٿيندو، ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊن جي مد ۾ 12 ارب رپيا جمع ٿيا جيڪي سپريم ڪورٽ وٽ موجود آهن.  ن ليگ جي اڳواڻ خواجا آصف چيو ته سپريم ڪورٽ کي لکيو وڃي ته اِهي فنڊ ٽرانسفر ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *