وفاقي راڄڌاني ۾ هڪ وڳي کان پوءِ سڀ سرڪاري آفيسون بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) اي سي او سمٽ سيڪيورٽي جي حوالي سان گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي صدارت ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد انتظاميا ۽ پوليس جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اي سي او سمٽ لاءِ سڪيورٽي پلان جي منظوري ڏني وئي، سومر تي گهرو وزارت مان جاري ٿيل بيان مطابق سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت سان گڏ ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻائڻ ۽ شهرين کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ کنيا پيا وڃن، سمٽ دوران پاڪستان ايندڙ ملڪن جا سربراهه ۽ حڪومت جا سربراهه ۽ پرڏيهي وفد کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. اي سي او جي اجلاس جي اهميت جي پيش نظر گهرو وزارت جي جاڙن شهرن جي رهواسين سان تعاون ڪرڻ جي اپيل، اجلاس ۾ گهرو وزير هدايت ڪئي ته وي آءِ پي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽريفڪ کي متبادل رستن تان روان رکڻ سان گڏ ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شهرين کي گهٽ کان گهٽ پريشاني سان منهن ڏيڻو پوي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *