وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ امن قائم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي: پرويز رشيد

لاهور (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ امن قائم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي،آپريشن ضرب عضب جي نتيجن جي به سڄي دنيا ساراهه پئي ڪري،ڀارتي مداخلت جا سمورا ثبوت گڏيل قومن کي فراهم ڪري ڇڏيا،جڏهن ته اين اي 122 جي چونڊ نتيجن ڌانڌليءَ جي سمورن الزامن کي رد ڪيو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته ن ليگ جي حڪومت سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ امن قائم ڪرائڻ واري مشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پرويز رشيد جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ امن قائم ٿيڻ سان عوام جو اعتماد به بحال ٿيو آهي ۽ شهرين آزاديءَ جو جشن توڙي عيدون ڀرپور نموني ملهايون. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف آپريشن ۾ وڏيون ڪاميابيون مليون آهن، جن جي سڄي دنيا ساراهه ڪري رهي رهي آهي، سندن حڪومت کان اڳ چيو پئي ويو ته دهشتگرد ملڪ تي قبضو ڪري وٺندا. سڌ سماءَ واري وزير، معمول موجب عمران خان کي به ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ننڍي چونڊ جي نتيجن سان پي ٽي آءِ جا ڌانڌلين وارا الزام رد ٿي ويا ۽ مينڊيٽ چوري ٿيڻ وارو شڪ به غلط ثابت ٿيو. هن چيو ته ڌرڻي ۾ بدتميزي جون سموريون حدون پار ڪيون ويون،پر هنن صبر ڪيو،ڪپتان ۽ قادريءَ جي لشڪر پي ٽي وي توڙي پارليامينٽ تي حملا پڻ ڪرايا. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ٽربيونلز جا اڪثر فيصلا به ن ليگ جي حق ۾ آيا. پنهنجي حڪومت جا ڪارناما ڳڻائيندي پرويز رشيد چيو ته ماضيءَ ۾ 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي،جنهن ۾ گهٽتائي آندي وئي آهي،نواز ليگ جي سرڪار سمورين حالتن جو ڄمي مقابلو ڪيو. وفاقي وزير پرويز رشيد اهو پڻ ٻڌايو ته پاڪستان، ڀارتي مداخلت جا سمورا ثبوت گڏيل قومن کي فراهم ڪري ڇڏيا آهن،جڏهن ته وزيراعظم آمريڪي دوري دوران صدر براڪ اوباما سان ڀارت، افغانستان ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. هڪ سوال جي جواب سڌ سماءَ واري وزير پرويز رشيد واضح ڪيو ته پاڪستان، پنهنجي وزيراعظم ۽ عوام جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *