وفاقي حڪومت پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اهڙو اعلان ڪيو، هن چيو ته ڪجهه ماڻهن ٺيڪو کڻي ڇڏيو آهي ته حڪومت جي هر قدم تي تنقيد ڪرڻي آهي، هن چيو ته حڪومت جڏهن مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني تڏهن به ۽ جيڪڏهن نه ڏئي ها تڏهن ڀه خاص ٽولو مخالفت ڪري ها، سندس چوڻ هو ته آزاد ميڊيا جا تمام گهڻا فائدا آهن پر ان جو سڀ کان ناڪاري ڪردار ٽي وي چينلن تي هلندڙ ٽڪر آهن،ڇو ته ڪجهه ماڻهن پنهنجي سياست جو محور انهن ٽڪرن کي سمجهي ورتو آهي، وفاقي گهرو وزير چيو ته هڪ پارٽي طرفان لاڳيتو بيان اچي رهيا آهن ته مشرف کي پرڏيهه وڃڻ ڏنو ويو ته ملڪ ۾ طوفان اچي ويندو، اهڙا ماڻهو بيان ڏيڻ کان پهرين عوام کي اهو به ٻڌائين ته انهن پنهنجي 5 سالن جي حڪومت ۾ ان ئي مشرف کي گارڊ آف آنر ڏئي رخصت ڪيو ۽ ان کان رليف جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته مٿس ان مهل به بينظير جي قتل جو الزام هو پر تڏهن توهان کيس آزاد نموني گهمڻ ڦرڻ جي اجازت ڏني ۽ اڄ توهان بيان ڏئي رهيا آهيو، چوڌري نثار علي خان چيو ته اڄ مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهندي 2 سال ٿي ويا آهن ۽ عدالت جي حڪم باوجود حڪومت هر فورم تي سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي مخالفت ڪئي، هن چيو ته اڄ مشرف جي ٻاهر وڄڻ کي ملي ڀڳت چيو وڃي ٿو، جيڪڏهن اسان کي کيس ٻاهر موڪلڻو هجي ها ته سنڌ هائيڪورٽ  جي فيصلي کانپوءِ ئي موڪلي ڇڏيون ها، وفاقي گهرو وزير چيو ته پرويز مشرف جي پرڏيهه وڃڻ سان سندس خلاف ڪيسن تي ڪو فرق نه پوندو، ڇو ته هن پڪ ڏياري آهي ته هو واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏيندو.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *