وفاقي حڪومت پاران ڪي پي ڪي متاثرين لاءِ امدادي پئڪيج جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه صوبي جي طوفاني برساتن سبب متاثر علائقن جي ماڻهن لاءِ فوري امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ متاثرين جي لاءِ امدادي پئڪيج ۽ نقصان سٽيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم نواز شريف خيبرپختونخواهه صوبي ۾ شديد برساتن سبب فوت ٿي ويلن جي خاندانن لاءِ في ماڻهو 5 لک رپيا ۽ زخمي ماڻهن لاءِ في ماڻهو 50 هزار رپين جي امدادي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم جيڪو برطانيا جي سرڪاري دوري تي آهي، هن متاثر ماڻهن لاءِ امدادي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي. هن صوبائي عملدارن ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي تي زور ڀريو آهي ته هو نقصانن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ امدادي ڪوششن ۾ اضافو ڪن. وزيراعظم جاني ۽ مالي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه جي متاثر ماڻهنجي انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ مدد ڏيندي. لاڳاپيل عملدارن کي اها به هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته شديد برساتن سبب متاثر ٿيندڙن جي لاءِ خوراڪ جا مناسب قدم کنيا وڃن. واضح رهي ته خيبرپختونخواهه جي گادي واري شهر ۾ آچر ڏينهن شديد طوفان ۽ برسات سبب 45 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 96 زخمي ٿيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *