وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ گورنر راڄ تي مشاورت، ممتاز ڀٽو اسلام آباد طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ تي مشاورت جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ 3 مهينن لاءِ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ مشاورت ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ سردار ممتاز علي ڀٽو کي اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي، ممتاز ڀٽو سان سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا. ذريعن ۾ موجب سنڌ ۾ نئين گورنر 3 ريٽائرڊ فوجين جا نالا به غور هيٺ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *