وفاقي حڪومت پاران تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي مئل گهوڙي کي وري جيئارڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت، تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي مئل گهوڙي کي وري جيئارڻ جو فيصلو ڪيو آهي،پاڻي ۽ بجلي جي وزارت قومي اسيمبلي کي لکت ۾ آگاهي ڏني آهي ته اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ بعد ڊيم تي ڪم شروع ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ عباسي جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پاران لکت ۾ آگاهي ڏني وئي ته ڪالاباغ سميت ٻين ڪيترا ئي ڊيم اڏڻ جو منصوبو جوڙيو آهي. لکت ۾ آگاهي موجب ڪالاباغ ڊيم جي تفصيلي ڊيزائن ۽ دستاويز مڪمل آهن، اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ بعد منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو. پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي جو چوڻ آهي ته داسو ڊيم منصوبو جلد مڪمل ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان تياريون ڪري ڇڏيون آهن. اجلاس ۾ پشاور سانحي کانپوءِ واري صورتحال تي پڻ بحث ڪيو ويو. اي اين پي جي ميمبر غلام احمد بلور چيو ته پشاور واقعي ۾ معصوم ٻارن سميت ڏيڍ سئو حياتيون ضايع ٿي ويون،پر حقيقتون لڪايو ويون آهن. هن چيو ته هنن آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ فقط امن امان لاءِ هڪ سئو سياستدانن کي داءُ تي لڳايو آهي. غلام احمد بلور چيو ته امن هوندو ته ملڪ ترقي ڪندو، بدقسمتي اها آهي جو مسلمان ملڪن وٽ امن ناهي. هن چيو ته پشاور اسڪول تي حملو ڪندڙ ڪافر نه پر مسلمان ئي هئا. غازي گلاب جمال چيو ته قومي ايڪشن پلان تي فاٽا جي ميمبرن کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو ۽ 21 هين آئيني ترميمي بل تي خدشا آهن. هن چيو ته دهشتگردي جو مسئلو سنگين آهي، اهو معاملو رياست جو آهي ان ڪري هنن ووٽنگ ۾ حصو ورتو. بعد ۾ فاٽا ميمبرن قومي ايڪشن پلان تي کين اعتماد ۾ نه وٺڻ تي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. ان کان اڳ اجلاس دوران حيدرآباد ۾ پي آءِ اي جون اڏامون بند ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم ميمبرن ڌيان ڇِڪايو نوٽيس پيش ڪيو. ايم اين اي وسيم احمد چيو ته حيدرآباد سنڌ جو ٻيو وڏو شهر آهي، جنهن جي آبادي 40 لک آهي پر ان باوجود پي آءِ ايَ جون اڏامون بند ڪيون ويون. ان موقعي تي وفاقي وزير شيخ آفتاب چيو ته حيدرآباد لاءِ جلد پي آءِ اَي جون اڏامون بحال ڪيون وينديون ۽ عملدارن سان ڳالهائي مسئلو حل ڪيو ويندو. شيخ آفتاب چيو ته پي آءِ اي وٽ هن وقت 16 جهاز آهن، جيڪي ڏيهي اڏامن لاءِ استعمال ٿين ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *