وفاقي حڪومت مني بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، بئنڪنگ ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو اعلان. مخالف ڌر جو احتجاج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مني بجيٽ ۾ بئنڪنگ ٽرانزيڪشنز تي فائلرز لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ ۽ گهر ٺاهڻ لاءِ عوام کي قرض فراهم ڪرڻ لاءِ 5 ارب رپيا رکڻ جون تجويزون ڏنيون آهن. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تجويزون پيش ڪندي چيو ته ٽيڪس ريٽرنز فائل نه ڪندڙ ماڻهو وڌيڪ ٽيڪس ڏئي 1300 سي سي تائين گاڏي خريد ڪري سگهندا، مان وضاحت پيش ڪري رهيو آهيان ته اها نئين بجيٽ نه پر معيشت جي بهتري ۽ صنعتن جي بهتري لاءِ سڌارا پيش ڪيا پيا وڃن، اسان کي اهڙو ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن اڳتي آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پئي ته جيئن ايندڙ حڪومت اهو نه چئي ته گذريل حڪومت آءِ ايم ايف کان قرض ورتو، ايندڙ هفتي معاشي فريم ٺاهي پيش ڪنداسين. بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ اسد عمر جي تقرير دوران ”ڪوڙا ڪوڙا“ جا نعرا به هنيا ويا، جنهن تي اسد عمر به گذريل حڪومتن جي ڪارڪردگي تي ڳالهايو. هن چيو خوشخبري آهي ته معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ خساري ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، بجيٽ اندر 6.6 ۽ ان کانسواءِ 800 اربن جو نقصان ڇڏي ويا آهن، ان کي پورو نٿا ڪري سگهون، هنن جيڪا معيشت ڇڏي، ان ۾ برآمد 70 کان 40 سيڪڙو رهجي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته جيستائين سيڙپڪاري نه هوندي ته ملڪ جي معيشت ٺيڪ نه ٿيندي، تنهن ڪري سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ بچت جي ضرورت آهي پر گذريل حڪومت بچت خطرناڪ حد تائين ڇڏي آهي، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. اسد عمر چيو ته ڪئميرا ۾ رڪارڊ ٿي رهيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان کي چونڊون خريدڻ نه پوندو، گردشي قرضن جو خسارو گهٽ ٿيندو ۽ قرضن ۾ گهٽتائي ايندي، ڇو ته اسان رڳو زبان سان پاڻ کي خادم اعليٰ نه چونداسين. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل پنجاب حڪومت ايترا اشتهار ڏنا جو 40 ارب رپيا جو خسارو ڇڏيو، جڏهن ته پرويز خٽڪ ڪي پي ۾ خساري کي فائدو پهچايو. ٻيو فنانس ترميمي بل پيش ڪندر اسد عمر چيو ته ڪاروبار اهم هوندو آهي، جيستائين اهو مضبوط نه هوندو معيشت بهتر نٿي ٿي سگهي، تنهن ڪري بئنڪ جي سود جي شرح گهٽ ڪرڻ ۽ انهن صنعتن کي قرض لاءِ جيڪو ٽيڪس هوندو آهي ان کي 20 سيڪڙو ٽيڪس ڏنو ويندو، جيڪو اڌ هوندو. هن چيو ته زراعت اسان جو ٻيو هدف آهي ته زرعي بئنڪن جي ٽيڪس کي 39 مان گهٽائي 20 سيڪڙو ڪري رهيا آهيون، ٽئين نمبر تي اسان گهر ٺاهڻ جي شعبن ۾ حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون ۽ 50 لک رپين جو گهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ ننڍن گهرن لاءِ جيڪو قرض ڏينداسين، ان ۾ ٽيڪس 39 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 20 سيڪڙو ڪري رهيا آهيون ۽ 5 ارب رپين جي قرض جي اسڪيم آڻي رهيا آهيون، جنهن ذريعي غريبن لاءِ گهٽ لاڳت تي گهر ٺاهينداسين. سندس چوڻ هو ته بئنڪنگ جي ڊپازٽ تي ود هولڊنگ ٽيڪس لڳي هو پر اسان چاهيون ٿا ته ماڻهن کي فائلر ٺاهڻ جي صلاح ڏيندي ود هولڊنگ ٽيڪس کي ختم ڪيو پيو وڃي: (ٻئي فنانس ترميمي بل جا اهم نڪتا) گهرن جي اڏاوت لاءِ 5 ارب رپين جي قرض جي اسڪيم آڻڻ  ۽ زرعي قرضن تي ٽيڪس 39 مان گهٽائي 20 سيڪڙو تي آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو، فائلرز لاءِ بئنڪ ٽرانزيڪشن تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو ويو، ننڍن شادي هالن تي ٽيڪس 20 مان گهٽائي 5 هزار ڪرڻ ۽ صنعتن لاءِ خام مال تي ڊيوٽي ۾ گهٽتائي جي به  تجويز آهي، صنعتي مشينري لاءِ ڪسٽم ڊيوٽي ۾ 5 سالن جي ڇوٽ ڏني وئي، نان فائلرز وڌيڪ ٽيڪس ڏئي 1300 سي سي گاڏيون خريد ڪري سگهندا، 1800 سي سي کان وڌيڪ گاڏين جي درآمد تي ڊيوٽي تي اضافو ڪيو ويو، 100 کان 200 ڊالرز ماليت جي موبائل فون تي 500 رپيا ليوي لاڳو ڪرڻ، موبائل فون جي درآمد تي ايڊونس انڪم ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ، موبائل فونز تي 3 ٽيڪسز کي ضم ڪري هڪ ڪرڻ،  اسٽاڪ ايڪسچينج ميمبرن تي ايڊوانس انڪم ٽيڪس ختم ڪرڻ، سيونگز تي لاڳو ٽيڪس ختم ڪرڻ، نان بئنڪنگ ماڻهن تي سپر ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز، انرجي منصوبن ۾ سيڙپڪاري 5 سالن لاءِ سمورن ٽيڪسن کان ڇوٽ، اسٽاڪ مارڪيٽ ٽريڊنگ تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم، نيوز پرنٽ تي لاڳو 5 سيڪڙو ڊيوٽي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ناڻي واري وزير چيو ته واپاري برادري جي دانهن هئي ته 6 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس هو، جيڪا ناانصافي هئي، جنهن کي اسان واپس وٺي رهيا آهيون، جيڪو برقرار نه رهندو. هن گذريل حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته شادي هالن تي ٽيڪس لڳايو ويو هو، هاڻ اسان 500 اسڪوائر فٽ جي شادي هالن جي ٽيڪس کي 20 هزار مان گهٽائي 5 هزار رپيا ڪري رهيا آهيون، ڪاروباري طبقي لاءِ سادو ۽ سولو نظام آڻينداسين، نيوز پرنٽ جي صنعت کي درآمد تي لاڳو ٽيڪس تي مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيون ٿا. سندس چوڻ هو ته خام مال جي امپورٽ ڊيوٽي ۾ گهٽتائي ڪري رهيا آهيون ته جيئن اها صنعت ترقي ڪري ۽ اهڙي ريت ننڍي ڪاروبار جي حوصلا افزائي ڪنداسين. اسد عمر چيو ته گذريل حڪومت برآمدڪارن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي هئي پر هيءَ حڪومت درآمد ۽ برآمد ۾ خساري کي گهٽ ڪندي، اڪنامڪ زون تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ سي پيڪ جو ڪردار اهم آهي ۽ فيڪٽري جي مڪمل اوزارن لاءِ واڌو شيون شامل ڪري رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته ماحوليات ۽ سستي بجلي جي پيداوار لاءِ شمسي توانائي ۽ ٻين متبادل ذريعن تي دارومدار هجي ۽ ان ئي ريت شين لاءِ ڪسٽم، سيلز ۽ انڪم ٽيڪس مان ڇوٽ هوندي. هن چيو ته راندين کي هٿي ڏيڻ ۽ نوجوانن لاءِ سرڪاري طور تي منظور ٿيل اسڪيم هوندي ۽ فرنچائز جيان راندين لاءِ جولاءِ کان ٽيڪس ختم ڪري رهيا آهيون، پهرين جولاءِ کان نان بئنڪنگ تي سپر ٽيڪس ختم ڪيو پيو وڃي ۽ گذريل حڪومت طرفان ڪيل ڪارپوريٽ اسڪيم تي هڪ سيڪڙو جي سالياني کوٽ کي جاري رکيو ويندو. اسد عمر چيو ته مارڪيٽ ۾ نجي شعبي کي مقابلو ڪرڻو آهي، انٽرڪارپوريٽ ڊيونڊ تي گروپ ڪمپنين کي رليف ملندو، 1800 سي سي جي وڏين گاڏين جي امپورٽ تي ٽيڪس جي شرح تي اضافو ڪري رهيا آهيون، موبائل فون جي ٽن ٽيڪسز کي هڪ ڪري ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪئي پئي وڃي پر امير لاءِ گهٽتائي نه ڪري رهيا آهيون. نئين اسڪيم جو اعلان ڪندي هن چيو ته پروميسري نوٽ جي اسڪيم آڻي رهيا آهيون، جيڪا فيبروري جي وچ تائين ايندي ۽ ايڪسپورٽر وٺي سگهندا، جنهن تي ليڪويڊٽي جو مسئلو ختم ٿي ويندو، جي آءِ ڊِ سي اسڪيم تي ڳالهائي ايوان ۾ آڻينداسين ۽ فرٽيلائزر ۾ ريٽ جي گهٽتائي ڪري رهيا آهيون، جنهن سان هاري لاءِ 200 رپيا يوريا جي في ٻوري گهٽ ٿيندي، هاري کي قرض وٺڻ ۾ سولائي لاءِ انڊيڪس چئن ورهين کان 4 هزار يونٽ هو پر ان کي وڌائي اسان 6 هزار يونٽ ڪري رهيا آهيون ۽ هارين جي ڊيزل انجڻ تي موجوده 17 سيڪڙو ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪندي 7 سيڪڙو ڪري رهيا آهيون. طبي سهولتن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب ان حوالي سان ڊيوٽيز ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، اسان سخت فيصلا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو ته به وينداسين.

پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي تحريڪ انصاف جي حڪومت جي مني بجيٽ رد ڪندي چيو ته مهانگائي جو طوفان اچڻ وارو آهي غريب ۽ وچولو طبقو تياري ڪري جيستائين حڪومت مثبت ماحول پيدا نه ڪندي ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه ايندي جون کان پوءِ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ پئسا ڪٿان آڻيندا ڪاروبر دوست پاليسيون ۽ ماحول پيدا ڪيو وڃي لڳي ٿو ته جلد اڳيون قدم آءِ ايم ايف هوندو اربع تي ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ سعد رفيق چيو ته هڪ ٻي مني بجيٽ، پاڪستان جي واحد حڪومت آهي جيڪا مني بجيٽ ۾ رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي هن چيو ته غريب ۽ وچولو طبقو تياري ڪري وٺي ميڊيا سان ڳالهائيندي رانا ثناءُالله چيو ته اڄ حڪومت رام ڪهاڻي ٻڏائي آهي جنهن قسم جو ماحول پيدا ڪيو آهي ملڪ ۾ ڪاروبار ٺپ آهي رانا ثناءُالله چيو ته ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو ملهه گهٽ ڪيو ويوآهي رانا ثناءُالله چيو ته پنجن مهينن ۾ ملڪي ايڪسپورٽ گهٽجي ويئي آهي رانا ثناءُالله چيو ته ڪافي صنعتن جو ڪچو مال ٻاهران اچي ٿو جيستائين حڪومت مثبت ماحول پيدا نه ڪندي ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه ايندي. احسن اقبال چيو ته ميڊيا جو آواز دٻائڻ لاءِ اقتصادي طور تي انکي گهٽو ڏنو پيو وڃي ته جيئن ميڊيا آزادي سان پنهنجو ڪم نه ڪري سگهي احسن اقبال چيو ته اسان حڪومت پاران ميڊيا سان ٿيندڙ ورتاءُجي مذمت ڪيون ٿا ۽ ميڊيا سان ٻڌي جو اظهار ڪيون ٿا (ن) ليگ جي اڳواڻ عائشه غوث پاشا چيو ته بجيٽ عوام دوست نه آهي اوهان ڪافي مراعتن جو اعلان ڪيو ان لاءِ سرمايو ڪٿان ايندو. پ پ پ  اڳواڻ سعيد نويد قمر چيو ته اپوزيشن چاهي ٿي ته ملڪ ۾ استحڪام رهي هن چيو ته اسان نٿا چاهيون ته حڪومت کي ڪيرايو وڃي احسن اقبال چيو ته 6 مهينن ۾ 12 ارب ڊآلر قرض ورتو ويو آهي هن حڪومت جي ڪائي ٻي حڪمت عملي نظر نٿي اچي صرف قرض وٺڻ کان سواءِ سيد نويد قمر چيو ته لڳي ٿو ته جلد اڳيون قدم آءِ ايم ايف هوندو قوم جون ڏکيائيون وڌي رهيون آهن. سيد نويد قمر چيو ته حڪومت جيڪڏهن ڪجهه شيون لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ويندو حڪومت کي سچ ڳالهائڻ گهرجي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *