وفاقي حڪومت لکت ۾ سيڪيورٽي جي پڪ ملڻ کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارت وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) وفاقي حڪومت ڀارتي حڪومت پاران لکت ۾ سيڪيورٽي جي پڪ ڏيارڻ کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارت وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارت اماڻڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڀارتي حڪومت پاران فول پروف سيڪيورٽي جي پڪ ڏيارڻ کانپوءِ قومي ٽيم کي ڀارت اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نجم سيٺي چيو ته ڀارت قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي گهربل سيڪيورٽي جي پڪ ڏياري آهي، جنهن کانپوءِ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان قومي ٽيم کي ڀارت اماڻڻ جي اجازت ڏني، جيڪا اڄ رات يا سڀاڻي دبئي رستي ڪولڪتا رواني ٿي ويندي، ان کان پهرين اولهه بنگال جي وڏي وزير ممتا بنرجي  ۽ ڪولڪتا پوليس چيف پاران پي سي بي کي قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ لکت ۾ فول پروف سيڪيورٽي جي ضمانت ڏني هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *