وفاقي حڪومت سنگين مسئلن ۾ ڦاٿل آهي: قائم علي شاهه

ٺٽو(ڊ_ر)وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاه چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنگين مسئلن ۾ ڦاٿل آهي ۽ وزير اعظم جو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ سمجھ کان ٻاهر آهي. هن چيو ته پانامه ليڪس جھڙن سنگين مسئلن تي اخلاقيات ڪميٽي ٺهڻ نه گھرجي ان جي ضرورت ناهي ۽ پانامه ليڪس جي انڪوائري آزادانه ۽ منصفانه هئڻ گھرجي. وزير اعليٰ سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت پاران تعليم ۽ صحت جي شعبي تي خاص توجه ڏني پئي وڃي ان ڏس ۾ وڏي انگ ۾ ڊاڪٽر پڻ مقرر ڪيا ويا آهن ان کان علاوه ٿر ۾ تقريبن 16ـ ماڻهن ۾ خوراڪ ۽ ڪڻڪ پڻ ورهائي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته چائنه جي اقتصادي راهداري منصوبي ۾ ڪيٽي بندر کي پڻ شامل ڪيو وڃي ته جيئن هن پٺتي پيل علائقي کي ترقي ڏياري بهترين خطو بنائي سگھجي. اهڙن خيالن جواظهار اڄ هن ڪيٽي بندر تعلقي جي ڳوٺ محمد يوسف پيروزاڻي ۾ ايراني حڪومت جي مالي معاونت سان تعمير ڪيل 30ـ بسترن تي مشتمل الفارابي اسپتال جي افتتاحي تقريب بعد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پ پ پ ضلعي ٺٽي ۽ سجاول جو صدر ارباب وزير احمد ميمڻ، سينيٽر سسئي پليجو، صوبائي وزير صنعت محمد علي ملڪاڻي، صوبائي وزير لوڪل گورنمينٽ سيد ناصر شاه، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد قاضي شاهد پرويز، ڊي آءِ جي خادم رند، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو طاهر حسين سانگي کان علاوه مختلف کاتن جا اعلٰي عملدار ۽ پ پ پ اڳواڻ پڻ موجود هئا. وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاه چيو ته سنڌ حڪومت پاران ٿر ۾ پڻ جديد اسپتالون قائم ڪيون وينديون ته جيئن اُتي جي عوام کي صحت جون بهترين سهولتون فراهم ٿي سگھن. ان کان اڳ وزير اعليٰ سنڌ اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ايران ۽ پاڪستان جي دوستي تمام گھڻو پُراڻي آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مضبوط هئڻ سان گڏ مذهب ۽ ثقافت جي لحاظ کان پڻ هڪ جھڙا آهن. هن چيو ته هو ايراني حڪومت ۽ ايران جي ڪونسل جنرل ڊاڪٽر مهدي سبحاني جو شڪر گذار آهي جنهن ڏيڍ سال جي ٿورڙي عرصي ۾ 30ـ بسترن تي مشتمل جديد سهولتن سان آراسته اسپتال عوام کي تحفي طور ڏني آهي. هن چيو ته ايران پاران ان قسم جون ٻيون اسپتالون سنڌ خاص طور تي سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ قائم ڪيون ويون آهن جنهن تي هو پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري پاران شڪر گذار آهي. هن ايران جي ڪونسل جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته هن قسم جون جديد سهولتن سان آراسته اسپتالون ٿر جي علائقن اسلامپور ۽ ننگر پارڪر ۾ پڻ قائم ڪن. هن چيو ته ايران جون پاڪستان ۾ سماجي خدمتون تعريف جوڳيون آهن ۽ اسان جي حڪومت پاران کين صوبي ۾ اسپتالن ۽ اسڪولن بابت آگاه ڪيو جنهن تي ايران پاران نواب شاه، خيرپور، لاڙڪاڻي، ٺٽي سيمت ٻين علائقن ۾ اسڪول پڻ تعمير ڪرايا ويا آهن ان کان علاوه ايران پاران سجاول ضلعي ۾ پڻ اسپتال ۽ اسڪول تعمير ڪرڻ لاءِ دلچسپي ڏيکاري وئي آهي جنهن لاءِ کين زمين ڏني ويندي ته جيئن سجاول ضلعي ۾ پڻ تعليم ۽ صحت کي فروغ ملي سگھي. هن چيو ته ايران جا اهڙي قسم جا قدم تعريف جي قابل آهن ۽ ان سان ايران ۽ پاڪستان خاص طور تي سنڌ سان لاڳاپن ۾ پڻ بهتري ايندي. وزير اعليٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته ڪيٽي بندر ۾ 4ـ ايڪڙ ايراضي تي مشتمل الفارابي اسپتال عورتن ۽ ٻارڙن جي علاج لاءِ تعمير ڪئي وئي آهي جڏهن ته 2ـ ايڪڙ ايراضي اسڪول جي تعمير لاءِ رکي وئي آهي جنهن ته پڻ جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص دلچسپي رکندي اولين ترجيح ڏين ٿا ۽ انهن جي بدولت سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جي بهتري لاءِ جدوجھد جاري آهي. هن چيو ته پرائمري اسڪولن کي پڻ بهتر ڪيو ويندو ۽ سهولتون ميسر ڪيون وينديون ان ڏس ۾ آمريڪا پڻ سهڪار ڪري رهيو آهي ۽ ان پاران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ جديد اسڪول تعمير ڪرايا ويا آهن. هن چيو ته ڪيٽي بندر ۾ ترقياتي رٿائون شروع ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب پورو ڪيو ويندو ته جيئن هتان جي عوام کي روزگار جا موقعا فراهم ٿي سگھن. هن چيو ته اربين روپين جي لاڳت سان ٿر ۾ ڪوئلي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبه لڳايا پيا وڃن ته جيئن بيروزگاري ۽ بجلي جا مسئلا حل ٿي سگھن ان کان علاوه ڪيٽي بندر ۾ پڻ پاور پلانٽ لڳايو ويندو ۽ سئو سيڪڙو سستي بجلي عوام کي فراهم ڪنداسين. ان موقعي تي ايران جي ڪونسل جنرل ڊاڪٽر مهدي سبحاني تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ايران ۽ پاڪستان جي دوستي مذهبي ۽ تاريخي طور تي تمام پُراڻي آهي. هن چيو ته الفارابي اسپتال جو تحفو پُراڻي دوستي جو تسلسل آهي ۽ هي منصوبي اسان جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي حڪومتي ڏيڍ سال جي ٿورڙي عرصي ۾ تعمير ڪري سنڌ جي عوام کي تحفو پيش ڪيو آهي. هن چيو ته ستن مهينن ۾ ايراني حڪومت پاران سنڌ ۾ هي ٻي اسپتال عوام کي تحفي طور پيش ڪئي وئي آهي ان کان اڳ خيرپور ۾ جنوري ۾ ايران پاران تعمير ڪيل اسپتال سنڌ حڪومت کي ڏنو ويو جنهن سان تقريبن 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي علاج جون سهولتون ميسر ٿي رهيون آهن. هن چيو ته هنن سمورن منصوبن ۾ سنڌ حڪومت جو ڀرپور سهڪار رهيو خاص طور تي وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاه جا ٿورائتا آهيون جن سمورن منصوبن جي تڪميل ۾ تعاون ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ايران پاڪستان جي سيڪورٽي، استحڪام ۽ ترقي ۾ خلوص ۽ سچائي سان گڏ آهي. ان موقعي تي سينيٽر سسئي پليجو، پ پ پ ضلعي ٺٽي ۽ سجاول جي صدر ارباب وزير ميمڻ پڻ تقريب کي خطاب ڪيو جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو طاهر حسين سانگي اسپتال بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته الفارابي اسپتال 30ـ بسترن تي مشتمل آهي جيڪا 15ـ ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تعمير ڪئي وئي آهي جنهن سان ڪيٽي بندر، ڳاڙهو، ٻگھاڻ ۽ آس پاس جي تقريبن 40ـ هزار کان وڌيڪ آبادي کي علاج معالج جون سهولتون فراهم ٿينديون جنهن ۾ آپريشن ٿيٽر، ليبارٽري، گائني وارڊ، ڊاڪٽرن ۽ عملي جي رهائش سميت سموريون جديد سهولتون ميسر آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *