وفاقي حڪومت سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کان استعيفيٰ طلب ڪري ورتي……….ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس،سنڌ جي گورنر جي تبديلي وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڌي

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت، سنڌ ۾ڊگهي عرصي کان گورنر جي منصب تي ويٺل ڊاڪٽر عشرت العباد کان استعيفيٰ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم نواز شريف ڪجهه ڏينهن اندر نئين گورنر جي نالي جو اعلان ڪندو. ذريعن موجب، وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار کي اعتماد ۾ وٺڻ بعد گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کان استعيفيٰ طلب موقف اختيار ڪيو آهي ته صولت مرزا جي الزامن بعد ڊاڪٽر عشرت العباد جو گورنر جي عهدي تي رهڻ مناسب ناهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عشرت العباد، وفاق کان نجي مصروفيتن سبب استعيفيٰ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي آهي ۽ امڪان آهي ته 10 جون تائين عشرت العباد گورنر جو عهدو ڇڏي ڏيندو. ذريعن موجب، ڊاڪٽر عشرت العباد جي نياڻي جي سڀاڻي شادي آهي ۽ شادي جون تقريبون سڀاڻي گورنر هائوس ۾ رٿيل آهن، جنهن بعد ڊاڪٽر عشرت العباد پاران استيعفيٰ ڏيڻ جو امڪان آهي. ڊاڪٽر عشرت العباد کان استعيفيٰ طلب ڪرڻ بعد وفاقي حڪومت نئين نالن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم نواز شريف ڪجهه ڏينهن اندر نئين گورنر جي نالي جي منظوري ڏيندو. واضح رهي ته ڊاڪٽر عشرت العباد ڊسمبر 27 ڊسمبر 2002 تي گورنر جو حلف کنيو هو ۽ 13 سالن تائين گورنر جي عهدي تي رهيو، جيڪو سڀ کان وڌيڪ گورنر جي عهدي تي رهڻ وارو رڪارڊ پڻ آهي. ڊاڪٽر عشرت العباد 27 جون 2011 تي استيعفيٰ پڻ ڏني هئي، پر ان وقت جي صدر آصف علي زرداري استيعفيٰ منظور ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن بعد عشرت العباد ٻيهر عهدو سنڀاليو. ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس،سنڌ جي گورنر جي تبديلي وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته وفاق،گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کان استعيفيٰ وٺڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ويو. ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس جي ترجمانن پاران جاري ڪيل ڌار ڌار بيانن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کي هٽائڻ واري خبر درست ناهي. ترجمانن جي بيانن موجب وفاقي حڪومت سنڌ جي گورنر عشرت العباد کان استعيفيٰ طلب ناهي ڪئي ۽ نه وري ٻين نالن تي غور ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف سنڌ جي گورنر هائوس جي ترجمان پڻ ترديد ڪندي چيو آهي ته وفاق استعيفيٰ لاءِ گورنر سان ڪنهن به قسم جو رابطو ناهي ڪيو. گورنر هائوس جي ترجمان موجب پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف گورنر کي سندس نياڻي جي شادي جي مبارڪ ڏيڻ آيو هو. ان کان اڳ ذريعن ٻڌايو ته سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد 10 جون تائين عهدي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا تي اها ڳالهه به گردش ۾ رهي ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف گذريل ڏينهن سنڌ جي دوري تي پهچي گورنر کي استيعفيٰ ڏيڻ جي صلاح ڏني هئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *