وفاقي حڪومت جي رويي سان سنڌ ۾ احساس محرومي وڌي رهي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر شڪارپور سانحي تي وفاقي حڪومت جو جواب نه اچڻ تي حڪومت مٿان ڇـِتي تنقيد ڪئي آهي، خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم ۽ وفاقي گهرو وزير وٽ شڪارپور وڃڻ لاءِ وقت ئي ناهي، حڪومت جي رويي سان سنڌ ۾ احساس محرومي وڌي رهي آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ شڪارپور سانحي سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه اجلاس ۾ اعتراض اٿاريو ته گذريل ڏينهن پشاور سانحي تي ايترو بحث ڪيو ويو پر حڪومت طرفان ڪو به جواب ناهي آيو، وفاقي گهرو وزير ايوان ۾ اچڻ جي زحمت نٿو ڪري ۽ نه ئي وٽس ڳالهائڻ لاءِ وقت آهي. خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم توڙي وفاقي گهرو وزير هن وقت تائين شڪارپور جو دورو ناهي ڪيو، حڪومت جي اهڙي رويي سان سنڌ ۾ احساس محرومي وڌي رهي آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته جيڪو وفاقي گهرو وزير اسلام آباد ۾ هڪ سڪندر کي نه سنڀالي سگهيو، اهو ملڪ ڪيئن هلائي سگهندو. مملڪتي وزير شيخ آفتاب چيو ته شڪارپور رڳو سنڌين جو نه پر سڀني جو شهر آهي، گذريل پنجن سالن تائين پ پ جي سنڌ ۾ حڪومت هئي پر امن امان جي صورتحال سڀني جي آڏو آهي. شيخ آفتاب چيو ته حڪومت جي پهرين ترجيح ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ آهي، وزيراعظم نواز شريف جي ايجنڊا ملڪ کي پر امن بڻائڻ آهي، جيترو ڪم نواز شريف ڪيو آهي، ڪنهن به وزيراعظم پنهنجي دور ۾ نه ڪيو هوندو. اجلاس ۾ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر کيس روڪي ورتو. شيخ رشيد ايوان ۾ اٿي گوڙ شروع ڪيو، جنهن کي اسپيڪر کيس چيو ته جيڪڏهن اوهان ئي اهڙو ڪجهه ئي ڳالهائڻو آهي ته ايوان کان ٻاهر وڃي ڳالهايو، جنهن تي خورشيد شاهه پاران مداخلت ڪئي وئي ته شيخ صاحب کي ڳالهائڻ ڏنو وڃي. خورشيد شاهه جي مداخلت بعد شيخ رشيد کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وئي پر عوامي مسلم ليگ جو سربراهه ڪاوڙ مان ايوان هليو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *