وفاقي حڪومت جو مڪمل طور تباهه ٿيل گهر مالڪ کي 1-1 لک ڏيڻ جو اعلان

پشاور(م.ڊ) ملڪي تاريخ جي بدترين زلزلي تباهي مچائي ڇڏي آهي، حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 3 سئو 28 ۽ زخمين جو انگ 1800 کان وڌي ويو آهي، جاني نقصان ۾ واڌ جو خدشو برقرار آهي، جڏهن ته متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. گذريل ڏينهن آيل خطرناڪ زلزلي خيبرپختونخواهه، فاٽا، گلگت بلتستان ۽ ٻين علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. زلزلي سبب مختلف علائقن ۾ فوتين جو انگ وڌي 3 سئو 28 ٿي ويو،جڏهن ته زخمي ٿيل 18 سئو کان وڌيڪ ماڻهن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته زخمين مان ڪيترن ئي ڄڻن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي، تنهنڪري فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو. پي ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ چترال ۽ شانگلا شامل آهن جتي امدادي ڪمن جي شروعات ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته شانگلا ۾ 38، چترال ۾ 29، لوئر دير 22، اپر دير 15، تورغر 15، اپر ڪوهستان 11، بونير 8، پشاور، مردان ۽ چارسده 3 – 3، نوشهره، صوابي، مالاڪنڊ ٻه – 2، مانسهره ۽ هنگو هڪ – هڪ ماڻهو فوت ٿيو. پي ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب سڄي صوبي ۾ 2 هزار 97 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا. ٻئي طرف وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ قائم ڪيل ڪرائسز مئنيجمينٽ سيل، زلزلي سبب 229 ڄڻن جي فوت ٿيڻ ۽ 1561 ڄڻن جَي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. پي ايم ڪرائسز مئنيجمينٽ سيل موجب، زلزلي سبب خيبر پختونخواهه سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جتي 184 ماڻهو فوت ۽ 1423 زخمي ٿيا آهن. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته فاٽا ۾ زلزلي سبب 26 ماڻهن حياتيون وڃايون، جڏهن ته 89 ماڻهو زخمي ٿيا. پي ايم ڪرائسز مئنيجمينٽ سيل موجب، زلزلي سبب پنجاب ۾ 6 ماڻهو فوت ۽ 10 زخمي ٿيا، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ به 6 ماڻهو زلزلي جي ور چڙهي ويا. هوڏانهن زلزلي متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جون امدادي ڪارروايون جاري آهن. آءِ ايس پي آر موجب، زلزلي سبب متاثر ٿيل قراقرم هاءِ وي کي ڪليئر ڪري ٻن هيليڪاپٽرن، سي ون-ٿرٽي جهاز توڙي زميني رستي سان 27 ٽن سامان ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان اماڻيو ويو آهي. امدادي سامان ۾ 2500 کائڻ پيئڻ جون شيون شامل آهن، جڏهن ته ڊاڪٽرن جون واڌو ٽيمون، هڪ هزار خيما ۽ ڪمبل به روانو ڪيا ويا آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته زلزلي متاثر علائقن ۾ 26 رليف ڪيمپون قائم ڪري متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو پيو وڃي. زلزلي سبب خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي ۽ متاثر علائقن ۾ چوطرف تباهيءَ جا منظر ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته زلزلي سبب تباهه ٿيل ڪي پي ڪي جي ضلعي شانگلا ۾ متاثرن جي بحالي لاءِ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي مشاورت کانپوءِ پئڪيج جو اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. شانگلا ۾ زلزلي متاثرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته زلزلي سبب سڀ کان وڌيڪ شانگلا ضلعو متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته عملدارن جي بريفنگ دوران سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته نقصان ڪيترو ٿيو آهي، پرويز خٽڪ سان مشاورت بعد متاثرن لاءِ پئڪيج جو اعلان ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جي  خيبرپختونخواهه جي زلزلي متاثر علائقن ۾ ڀرپور امدادي سرگرمين تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جا ٿورائتا آهيون. نواز شريف جو چوڻ هو ته متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، زلزلي سبب ٽٽل پلز ۽ رستن جي ٻيهر تعمير لاءِ به اين ڊي ايم اي کي هدايتون جاري ڪيون آهن. هن چيو ته تباهه ٿيل گهرن ۽ ٻين نقصانن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي، جنهن بعد متاثرن سان سٺي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويندو ۽ متاثرن کي اهڙو پئڪيج ڏنو ويندو، جنهن ذريعي هو پهريان کان بهتر گهر ٺاهي سگهن. ان کان اڳ وزير اعظم نواز شريف زلزلي متاثر علائقن جي دوري تي شانگلا پهتو، جتي کيس امدادي ڪارورواين ۽ زلزلي سبب ٿيل نقصان بابت بريفنگ ڏني وئي. وزير اعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شانگلا ۾ زلزلي سبب 49 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي ئي زخمي ٿيا آهن، متاثر علائقن ۾امدادي سرگرميون جاري آهن. بريفنگ ۾ چيو ويو ته شانگلا ۾ زلزلي کان اڳ تيز برسات ٿي ٿئي، سيءَ سبب ڪمبل ۽ ٽينٽ جي سخت ضرورت آهي. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثرن کي ٽينٽ ۽ ڪمبلز سان گڏ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *