وفاقي حڪومت جو ملڪ ۾ نئين گيس ڪنيڪشن تي پابندي لڳائڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر مهانگي بجلي جي ذميواري اڳوڻي حڪومت تي وجهندي چيو ته مسلم ليگ (ن) مهانگا معاهدا ڪيا جنهن جا سنگين نتيجا اچي رهيا آهن، گردشي قرضن ۾ واڌ جو سبب اڳوڻي حڪومت پاران بجلي جا مهانگا معاهدا آهن حڪومت جنهن قيمت تي بجلي خريد ڪري واپيدارن کي مهيا ڪري رهي آهي ان ۾ ڏيڍ کان ٻن رپين جو فرق اچي رهيو آهي جڏهن هن فرق کي ساليانو استعمال ٿيندڙ اربين رونٽس جي روشني ۾ ڏٺو وڃي ته غير معمولي رقم بڻجي ٿي ۽ هي ئي گردشي قرضن ۾ واڌ جو بنيادي سبب آهي، اسان نيپرا کي هڪ رپيو 39 پئسا في يونٽ واڌ جي سمري اماڻي ڇڏي آهي اهڙا واهپي دار جن جو بجلي جو استعمال 200 يونٽ کان گهٽ هوندو ان تي هي واڌ لاڳو نه ٿيندي انڊسٽريل پئڪيج تي به هي واڌ لاڳو نه ٿيندي. ٽيرف ۾ واڌ پهرين نومبر کان ٿيندي، گئس جو بحران نه ٿيندو جمعي تي هتي مملڪتي وزير فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته بجلي جي صنعتي پئڪيج سان گهڻو فائدو ٿيو گذريل سال جي برعڪس 15 سيڪڙو جڏهن ته ڪل 6 کان 10 سيڪڙو بجلي جي کپت ۾ اضافو ٿيو حماد اظهر چيو ته رڪوريز ۾ بهتري ۽ لاسز گهٽيا آهن، نيپرا 15 کان 13 سيڪڙو جي حدف تي نظرثاني ڪئي ۽ حڪومت پنهنجي پراڻي جينڪوز کي بند ڪري ڇڏيو آهي جتي موجود آفيسرن ۽ عملي کي رڳو پگهارون ڏنيون پئي ويون وفاقي وزير چيو ته مهانگي ۽ غير ضروري بجلي جي معاهدي سبب اسان جي بجلي جي ٽيرف ۾ واڌ ڪرڻي پوي ٿي ۽ اڄ به هڪ دفعو بيهر بجلي مهانگي ڪرڻي پئجي رهي آهي رڪوريز ۽ لائن لاسز ۾ ٽن سالن کان بهتري اچي رهي آهي، حماد اظهر بجلي جي قيمتن ۾ واڌ بابت چيو ته اسان نيپرا کي هڪ رپيو 39 پئسا في يونٽ واڌ جي سمري اماڻي ڇڏي آهي. حماد اظهر چيو ته ملڪي سطح تي گئس جي پيداوار ۾ 9 سيڪڙو کان آهستي آهستي گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ هي عمل گذريل 15 سالن کان جاري آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *