وفاقي حڪومت جو سنڌ ۽ بلوچستان سان رويو درست ناهي: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته پ پ پ خلاف نون نون طريقن سان سازشون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته پ پ پ کي ڪمزور ڪرڻ وفاق کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي . هو اڄ هوسڙي جي ڳوٺ غلام عباس پنهور ۾ سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي ۽ جلسي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. صوبائي صلاحڪار چيو ته وفاقي حڪومت جو سنڌ ۽ بلوچستان سان رويو درست ناهي. صوبائي صلاحڪار چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جو ذڪر اچڻ تي ن ليگ جي وزيرن جي لهجي ۾ سختي اچي ويندي، جيڪو رويو جمهوري ناهي. مولا بخش چانڊئي چيو ته سنڌ جي واحد جماعت پ پ جو ميڊيا ٽرائل ڪري نيون سازشون ڪيون پيون وڃن. صوبائي صلاحڪار چيو ته ايڪشن پلان تي رڳو سنڌ ۾ عملدرآمد ٿي رهيو آهي، ڄڻ باقي صوبا دهشتگردي، بدانتظامي، بدنظمي ۽ ڪرپشن کان پاڪ آهن! مولا بخش چانڊئي چيو ته پ پ خلاف ڪجهه به نه ملڻ تي ايان علي ۽ عذير بلوچ کي منظرعام تي آندو ويو، جنهن مان مخالفن کي ڪجهه نه وريو. صوبائي صلاحڪار چيو ته چوڌري نثار جو پچ تي لت رکڻ وارو رويو حيران ڪندڙ آهي، گهرو وزير وزيراعظم توڙي ملڪ سان سچو ناهي. مولا بخش چانڊئي، عدليا کي اپيل ڪئي ته سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي ملڪ ۾ پ پ پ واحد جماعت آهي جنهن قيادت کان وٺي ڪارڪنن تائين قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پ پ پ جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي ۽ مختلف ڪيسز جوڙِيا پيا وڃن. هن چيو ته ضياءَ الحق جي دور کان پ پ پ خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن جنهن جو اسان پهريان به مقابلو ڪيو آهي ۽ هاڻي به ڪنداسين. هن چيو ته اهو وقت پري نه آهي جڏهن بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جون واڳون سنڀاليندو ۽ اهو نه صرف سنڌ پر ملڪ جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو. هن چيو ته اسان آپريشن جي حمايت ڪيون ٿا ۽ ڪراچي ۾ آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو. هن چيو ته سازشي عنصرن آپريشن جي آڙ ۾ قومي سلامتي جي ادارن کي پ پ پ سان ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ اهي ناڪم رهيا آهن. هن چيو ته مصنوعي دانشور ۽ تجزيا نگار ملڪ ۾ سموري خرابي جو ذميوار پ پ پ کي ئي سمجهن ٿا. مولابخش چانڊيو چيو ته ن ليگ ۾ سٺا ماڻهو به آهن جيڪي چاهين ٿا ته وفاق ۾ سمورن صوبن کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي . هن چيو ته سنڌ ۾ بجلي ۽ گئس جا مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ ته فقط ڪجهه ماڻهن پاران بجلي جي بلن جي عدم ادائيگين تي 34 ٽرانسفارمر لاٿا ويا آهن جنهن جي ڪري امن امان وارو مسئلو پڻ پيدا ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته اسان کي سنڌ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي ڪارڪردگي تي فخر آهي ۽ واضع ڪيو ته ڪراچي آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو. هن چيو ته مائيڪ جي سهاري تي زنده رهندڙ ڪجهه ماڻهو ۽ پارٽيون چئي رهيا آهن ته پ پ پ غير مقبول ٿي رهي آهي. هن چيو ته پ پ پ جا ڪارڪن اڄ به شعور ۾ آهن ۽ پارٽي انهن جي ڪري ئي سلامت آهي هن چيو ته تمام جلد پ پ پ جي خلاف اها پروپئگنڊا به ختم ٿي ويندي ته پوءِ اهي وري ڪاٻي بي تڪي ڳالهه کڻي ايندا . هن واضع ڪيو بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ اسان تعصب کان پاڪ هڪ بهترين معاشرو جوڙڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته جمهوريت جو تسلسل اسان جي ڪري آهي ٿر جي صورتحال بابت سوال تي هن چيو ته ٿر ۾ ماضي جي ڀيٽ ڪافي بهتري آئي آهي ۽ سنڌ حڪومت انفراسٽرڪچر جي تعمير تي وڏي رقم خرچ ڪئي آهي ، روڊ تعمير ڪيا ويا آهن ۽ 700کان وڌيڪ آراو پلانٽس لڳايا ويا آهن جنهن سان ٿر جي لکين ماڻهن کي پيئڻ جو مٺو پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ٿر جي زندگي صدين کان ڏکي رهي آهي ۽ سنڌ حڪومت پاران ڊگهي ۽ ننڍي مدي وارا منصوبا جوڙي رهي آهي جنهن سان صورتحال وڌيڪ بهتر ٿي ويندي . هن چيو ته ڪافي عرصي کان ٿر ۾ سنڌ حڪومت پاران مفت ڪڻڪ ورهائي پئي وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته شرجيل ميمڻ ذاتي سببن ڪري وزارت تان استعيفا ڏني ۽ هو جلدي ڏيهه ورندو ۽ پنهنجي علائقي جا مسئلا حل ڪندو بعد ۾ هن عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته اهي پ پ پ سان پنهنجو رشتو مضبوط رکن ۽ کين يقين ڏياريو ته سندن مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. ان موقعي تي هن ڪامريڊ عبدالحسين پنهور جو شڪريو ادا ڪندي پارٽي لاءِ سندس ڪيل خدمتن جي واکاڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *