وفاقي حڪومت جو اسلام آباد کي پرامن ۽ کليل رکڻ لاءِ آئيني قدم کڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م.ڊ) تازي سياسي صورتحال تي وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيندڙ  اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اسلام آباد کي پرامن ۽ کليل رکڻ جي لاءِ قانوني ۽ آئيني قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ عوام جي حفاظت جي لاءِ سڀئي قانوني ۽ آئيني قدمن کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ سياسي سطح تي رابطن کي جاري رکڻ، اتحادين ۽ مخالف ڌر سان رابطن کي اثرائتو بڻائي ڳالهين جو رستو کُليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جي ذميواري هر صورت ۾ پوري ڪنداسين، جڏهن ته وزيرن جي ڪميٽيءَ وزيراعظم کي پيپلز پارٽي ۽ ٻين اتحادين سان رابطن بابت بريفنگ به ڏني، وزيراعظم وزيرن کي رابطن وسيلي ڳالهين جون ڪوششون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي، شهرين جي زندگي معمول تي رکڻ جي لاءِ سڀئي وسيلا ڪتب آڻڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *