وفاقي بجيٽ ۾ وبا دوران سنڌ جي 229 ارب روپين تي ڌاڙو هنيو ويو: بلاول ڀٽو

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري چيو آهي ته حڪومتي نااهلين، عوام دشمن بجيت ۽ موجوده سياسي صورتحال تي جلد اي پي سي سڏائي ويندي عمران خان جي غلط فيصلن جي ڪري اڄ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس ڪنٽرول مان نڪري چڪو آهي حيرت جي ڳالهه آهي جو وڏي انگ ۾ ماڻهو مرڻ کان پوءِ به هو لاڪ ڊائون نه ڪرڻ جي ضد تي آهي ماڪڙ جي ڪري جيڪڏهن ملڪ ۾ ڏڪر پيو ته ان تباهي جو ذميوار عمران خان هوندو کيس شايد اندازو نه آهي ته ماڪڙ جا حملا هن وقت ملڪ جو سنگين بحران آهي پارٽي جا سينيئر اڳواڻ حڪومتي نااهليون آڏو آڻڻ لا3 خاص ڪردار ادا ڪن پارٽي اڳواڻ پارليمان ۽ عوام جي وچ ۾ وڃي حڪومتي نااهلي بابت آگاهي ڏين اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي پارٽي جي سينيئر اڳواڻن، نئربخاري، فرحت الله بابر، شيرين رحمان، راجا پرويز اشرف، رضا رباني، نويد قمر، مولابخش چانڊيو ۽ نفيسا شاهه سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته صحت جي عالمي اداري جي وارننگ کي به عمران خان هوا ۾ اڏائي ڇڏيو. اپوزيشن جيڪڏهن بري آهي ته عمران خان لاڪ ڊائون جي حوالي سان دبليو ايڇ او يا ڊآڪٽرن جي راءِ کي ٻڌي وٺي پ پ پ چيئرمين چيو ته بجيٽ ۾ صحت ۽ زراعت جا شعبا نظرانداز ڪري ملڪ کي خطرناڪ حالتن جي حوالي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عمران خان جا 18هين ائيني ترميم جي خلاف بيان اصل ۾ 73 جي دستور پاڪستان تي حملا آهن هن چيو ته ماڪڙ جي ڪري جيڪڏهن ملڪ ۾ ڏڪر پيو ته ان تباهي جو ذميوار عمران خان هوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *