وفاداريون تبديل ڪندڙن سان پارٽي تي ڪو به فرق نٿو پوي، خراب وقت جلد ٽري ويندو: اعتزاز احسن

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته وفاداريون تبديل ڪندڙن سان پارٽي ڪو به فرق نٿو پوي، آيل برو وقت جلد ٽري ويندو، نواز شريف پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙي هڻي جو عادي آهي، ملڪ ۾ عام چونڊون 2018 کان اڳ ٿي وينديون، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تاريخ گواهه آهن جن شخصيتن پ پ سان بي وفائي ڪئي ان سان پارٽي تي ڪو به فرق نه پيو پر انهن جو سياسي مستقبل هميشه لاءِ اونداهو ٿي ويو، پ پ هڪ سوچ جو نالو آهي،پارٽي ڇڏي ويندڙ سان پ پ جو ڪو نقصان نه ٿيندو، اعتزاز احسن چيو ته عوام جا مسئلا جيئن جو تئين آهن پر حڪمران سڀ ٺيڪ جي رپورٽ ڏئي عوام کي اکين ۾ ڍوڙ وجهي رهيا آهن، لوڊشيڊنگ اڳ کان ڌائي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *