وسيم اڪرم تي فائرنگ ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري قطعي چالان پيش ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(اسپورٽس نيو)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم تي فائرنگ جي ڪيس ۾ عدالت پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ مڪمل ڪري قطعي چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪراچي ۾ وسيم اڪرم تي فائرنگ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيل الطاف احمد کي پوليس سٽي ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو،ان موقعي تي پوليس جوابدار جو جسماني رمانڊ ڏيڻ جي درخواست نه ڪئي، جنهن سبب عدالت جوابدار کي 28 آگسٽ تائين جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيندي پوليس کي حڪم ڏنو ته ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري قطعي چالان پيش ڪيو وڃي. واضح رهي ته وسيم اڪرم جي گاڏي تي فائرنگ وارو واقعو 5 آگسٽ تي ڪارساز روڊ تي پيش آيو هو، جڏهن ته ڪيس جو مرڪزي جوابدار ميجر (ر) عامر الرحمان پهرين ئي سيشن ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *