وسيم اختر جي خلاف دهشتگردي جي قلمن هيٺ 5 ڪيس داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي امڪاني مئير ۽ ايم ڪيوايم جي اڳواڻ وسيم اختر جي خلاف شهر جي مختلف ٿاڻن ۾ دهشتگردي جي قلمن هيٺ 5 ڪيس داخل آهن.ذريعن مطابق ايم ڪيوايم جي اڳواڻ جي خلاف ٿاڻي ملير ڪينٽ،سهراب ڳو ۽ سائيٽ سپر هاءِ وي ۾ 5 ڪيس داخل آهن.وسيم اختر جي خلاف الطاف حسين جي خطاب ۾ سهولتڪار،جڏهن ته مختلف ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ حساس ادارن تي الزام لاڳائڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪيا ويا.وسيم اختر تي دهشتگردي جي قلمن هيٺ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،تازو ئي وسيم اختر تي رينجرز پاران سندس ساک کي چيهو رسائڻ تي 50 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي سنڌ هائيڪورٽ ۾ دعويٰ به داخل ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *