وزِيراعظم جي صدرات هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس، آرمي چيف ۽ اعليٰ اختيارين جي شرڪت اسلام آباد: وزيراعظم نوازشريف جي صدرات هيٺ سيڪيورٽي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سلامتي ۽ ٻاهرين صورتحال تي غور ڪيو ويو. ذريعن مطابق اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، وزيراعظم جو خاص معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، سهڪاري طارق فاطمي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آئي ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل عاصم باجوا سوڌو ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سلامتي ۽ ٻاهرين صورتحال سوڌو نيشنل ايڪشن پلان بابت به خيال جي ڏي وٺ ٿي. ٻئي پاسي گڏيل اجلاس ۾ وزيراعظم  جي 19 آڪٽوبر جي آمريڪا جي دوري بابت به ڳالهيون ڪيون ويون ۽ خاص طور تي آمريڪي صدر باراڪ اوباما سان ملاقات ۽ ان ۾ خطي جي سلامتي ۽ پاڪستان جي ڪردار جي حوالي سان ٿيندڙ ڳالهين تي به غور ويچار ڪيو ويو.

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشريف جي صدرات هيٺ سيڪيورٽي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سلامتي ۽ ٻاهرين صورتحال تي غور ڪيو ويو. ذريعن مطابق اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، وزيراعظم جو خاص معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، سهڪاري طارق فاطمي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آئي ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل عاصم باجوا سوڌو ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سلامتي ۽ ٻاهرين صورتحال سوڌو نيشنل ايڪشن پلان بابت به خيال جي ڏي وٺ ٿي. ٻئي پاسي گڏيل اجلاس ۾ وزيراعظم  جي 19 آڪٽوبر جي آمريڪا جي دوري بابت به ڳالهيون ڪيون ويون ۽ خاص طور تي آمريڪي صدر باراڪ اوباما سان ملاقات ۽ ان ۾ خطي جي سلامتي ۽ پاڪستان جي ڪردار جي حوالي سان ٿيندڙ ڳالهين تي به غور ويچار ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *