وزير اعظم 25 لک ۽ عمران خان هڪ لک رپيا ٽيڪس ڏنو، ٽئس ڊائريڪٽري جاري

اسلام آباد (اين اين آءِ) ايف بي آر جي پارليامينٽ ميمبرن جي  جي 2016 جي ٽيڪس گوشوارن جي ڊائري جاري ڪري ڇڏي. جنهن موجب وزيراعظم 206 ۾ 25 لک 24 هزار 213 روپيا ٽيڪس ادا ڪيو، جڏهن پي ٽي آئي جي چيرمين عمران خان هڪ لک 69 هزار 609 روپيا ادا ڪيو، شهباز شريف 95 لک 31 هزار سٺ روپيا، سنڌ جو وڏو وزير 51 لک 65 هزار روپيا ٽِيڪس ادا ڪيو جن مان 50 لک 55 هزار بطور ايسو سي ايشن پرسنز جي طور تي ٽيڪس شامل آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير 8 لک تيرهن هزار 869 روپيا ٽِيڪس ادا ڪيو، بلوچستان جي وڏي وزير ثناءَ الله زهري 14 لک 11 هزار روپيا ٽِيڪس ادا ڪيو، اسحاق ڊآر46 لک 17 هزار روپيا ٽِيڪس ادا ڪيو، گھرو وزير نثآر علي خان 11 لک 92 هزار 68 روپيا ٽِيڪس ادا ڪيو، خواجا سعد رفيق 39 لک 83 هزار 491 روپيا ٽِيڪس ادا ڪيو، خواجا آصف 8 لک 31 هزار 986 روپيا ٽِيڪس ادا ڪيو، سردار اياز صادق هڪ لک 4853 روپيا ٽِيڪس ادا ڪيو شاهد خاقان عباسي 26 لک 59 هزار 183 روپين  جو ٽِيڪس ادا ڪيو سراج الحق 34 هزار 941 روپيا ٽِيڪس ادا ڪيو، مولانا فضل الرحمن 50هزار 101 روپيا ٽِيڪس ادا ڪيو، شيخ رشيد 5 لک 5 هزار 966 روپيا ٽِيڪس ادا ڪيو، پي ٽي آئي جي جھانگير ترين 5 ڪروڙ 36 لک 77 هزار 422 روپيا ٽِيڪس ادا ڪيو، اسد عمر 63 لک 68 هزار 864 روپيا ٽِيڪس ادا ڪيو، پنجاب جي وڏي وزير جو پٽ حمزا شهباز 37 لک 78 هزار 777 روپيا ٽِيڪس ادا ڪيو، سينٽر روزي خان ڪاڪڙ 4 ڪروڙ 99 لک 23 هزار 783 روپين  جو ٽِيڪس ادا ڪيو،  سينٽر تاج محمد آفريدي 3 ڪروڙ 52 لک 84 هزار 413 روپين  جو ٽِيڪس ادا ڪيو، سينيٽر محمد طلحا 3 ڪروڙ 24 لک 95 هزار 268 روپين  جو ٽِيڪس ادا ڪيو، سينيٽر اعتزار احسن هڪ ڪروڙ 38 لک 54 هزار 833 روپين  جو ٽِيڪس ادا ڪيو، سينٽر فروخ نسيم ٻه ڪروڙ ٻه لک 33 هزار 725 روپين  جو ٽِيڪس ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *