وزير اعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات، ڀارتي مداخلت تي گڏيل قومن کي خط لکڻ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف وچ ۾ ملاقات دوران ڀارتي مداخلت تي گڏيل قومن کي خط لکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي وزيرعظم محمد نوازشريف سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف اڱاري تي ايوان ويزراعظم ۾ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ آپريشن ضرب عضب ۽ عارضي طور لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي واپسي بحالي ۽ ٻيهر آباد ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ذريعن مطابق ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو ملڪ جي اڀرندي ۽ الهندي سرحدن تي سيڪيورٽيصورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ٿي برطانوي نشرياتي اداري جي ڊڪيومينٽري جي حوالي سان خانگي ٽي وي ٻڌايو ته ملاقات ۾ بي بي سي رپورٽ ۽ پاڪستان ۾ ڀارت جي مداخلت بابت انڪشافن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي واضح رهي ته سيڪيورٽي ادارن کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ڀارت جي مداخلت دهشتگردي جي معاونت سميت ان جي سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئڻ جا ثبوت مليا آهن ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي مداخلت جي ثبوت سان گڏ هاڻي پاڪستان عالمي سطح تي ڀارت کي بي نقاب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي ملاقات ۾ دهشتگردن خلاف سڄي ملڪ ۾ آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *