وزير اعظم گوادر ۾ مھيني کان جاري احتجاج جو نوٽيس ورتو، وڏي وزير سان ڳالھائي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان بلوچستان صوبي جي شهر گوادر جي عوام پاران گذريل اٽڪل هڪ مهيني کان جاري احتجاج کان پوءِ نوٽيس وٺي ڇڏيو خيال رهي ته جماعت اسلامي بلوچستان جي جنرل سيڪريٽري مولانا هدايت الرحمان جي اڳواڻي ۾ ساحلي شهر جي ماڻهن 28 ڏينهن اڳ گوادر کي حق ڏيو تحريڪ شروع ڪئي هئي ان ڏس ۾ ٿيندڙ احتجاجي ڌرڻن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت عوام جو وڏو انگ شامل آهي. جن جو مطالبو آهي ته پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ ٽالر مافيا جو خاتمو ڪيو وڃي. ٽيوٽر تي هڪ پيغام ۾ وزيرعظم چيو ته مان گوادر جي محنتي ماهيگيرن جي جائز مطالبن جو نوٽيس ورتو آهي وزيراعظم ٽرالرز پاران غيرقانوني مڇي مارڻ جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي هن چيو ته ان ڏس ۾ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان به ڳالهائينداسين ان کان اڳ احتجاج جي قيادت ڪندڙ مولانا هدايت الرحمان چيو هو ته ڪل 19 مان گهٽ ۾ گهٽ ٻه بنيادي مطالبن جي منظوري تائين احتجاج جاري رهندو جنهن ۾ ٽرالر مافيا جي خلاف ڪارروائي ۽ ايراني سرحد تي پيش ايندڙ مسئلن جو حل شامل آهي ان ڏس ۾ مير ظهور احمد بلدي جي اڳواڻي ۾ صوبائي وزيرن مولانا هدايت الرحمان ۽ مظاهرين جي ٻين اڳواڻن سان گوادر جي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ڪيون هيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *