وزير اعظم پاران تاجڪستان کان 1000 ميگاواٽ بجلي خريد ڪرڻ جو اعلان

دوشنبي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف، تاجڪستان کان هڪ هزار ميگاواٽ بجلي خريد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. تاجڪستان جي صدر سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته ٻئي ملڪ دهشتگرديءَ جي خلاف ويهه نڪاتي پروگرام تي عمل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ دهشتگردي، منشيات فروشي ۽ ٻين ڏوهن جي خلاف گڏيل ڪارروائي ڪري رهيا آهن. نوازشريف اميد ظاهر ڪئي ته جلد تاجڪستان جي هوائي ڪمپني پاڪستان لاءِ اڏامون شروع ڪندي. ان کان اڳ صدر سان ملاقات دوران وزير اعظم نوازشريف چيو ته وچ ايشيائي ملڪن سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ پاڪستان جي پهرين اوليت آهي، ته جيئن هڪٻئي جي تجربي مان سکي سگهجي. وزير اعظم دوشنبي ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون سان به ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزير اعظم چيو ته پاڪستان عالمي امن مشن ۾ سڀني کان وڌيڪ سهڪار ڪندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان جا گڏيل قومن سان مضبوط لاڳاپا آهن. هن چيو ته عالمي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي بچاءَ جو وزير خواجا آصف ۽ پرڏيهي مددگار طارق فاطمي موجود هئا. وزير اعظم نوازشريف، تاجڪ صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. ان کان پهريان وزيراعظم نواز شريف تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبـَي ۾ واٽر فار لائيف جي عنوان هيٺ ڪوٺايل عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ زراعت جي وڏي اهميت آهي، انڪري پاڻي جي دستيابي لاءِ خطي ۾ سهڪار ۽ اعتماد سازي هئڻ گهـُرجي. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته غربت جي خاتمي ۽ خوراڪ توڙي توانائي جي تحفظ لاءِ پاڻي تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. نواز شريف چيو ته پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ زراعت جي وڏي اهميت آهي، ماحولياتي تبديلين ۽ وڌندڙ آباديءَ سبب دنيا ڪيترن ئي چيلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڻي ماحوليات جي بقا لاءِ اهم عنصر آهي، عالمي سطح تي پاڻي جي گهـُرج ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ان جي صحيح استعمال تي ڌياڻ ڏيڻو پوندو. نواز شريف جو چوڻ هو ته مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ هڪ وڏو چيلينج آهي، پاڻي جي تحفظ جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ واٽر فار لائيف ڪانفرنس مددگار ثابت ٿيندي. ياد رهي ته وزيراعظم نواز شريف تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده جي خاص دعوت تي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبــَي پهتل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *