وزير اعظم وري اليڪشن ڪميشن ۾ ڪوڙ ڳالهايو آهي: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته وزير اعظم وري اليڪشن ڪميشن ۾ ڪوڙ ڳالهايو آهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف مريم نواز جي مالڪي تائين ئي هٿ کڻي ويو آهي.وزير اعظم نواز شريف 2011ع  تائين ٻڌائيندو آيو ته مريم سندس مالڪي ۾ آهي.  نواز شريف جو ڪوڙ ثابت ڪري ٿو ته کيس گرفتاري جو خوف آهي، خبر هئي ته احتساب کان بچڻ لاءِ غلط حرٻو استعمال ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته خدشو آهي ته نواز شريف سرڪاري رڪارڊ به تبديل ڪرائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *