وزير اعظم هڪ ڏينهن جي دوري تي اڄ ڪراچي پهچندو، اسڪولن ۽ اسپتالن جي سيڪيورٽي وڌائي وڃي: نواز شريف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم نوازشريف اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو، انهيءَ موقعي تي کيس بلديه ٽائون سانحي جي معاملي تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم نوازشريف جي ڪراچي واري دور ۾ بلديه سانحي تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي ۽ سنڌ حڪومت جي مشاورت ۽ قانوني معاملن کي نظر ۾ رکندي انهيءَ معاملي بابت ايندڙ حڪمت عملي طي ڪئي ويندي. وفاقي حڪومت انهيءَ معاملي جي جي آئي رپورٽ ۽ سمورن قانوني پهلوئن جون جائزو وٺندي. وزيراعظم پنهنجي ڪراچي جي دوري دوران پوليس پاران بلديه ٽائون سانحي تي ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ چالان ۾ دير جي سبب جي باري ۾ معلومات وٺندو. ذريعن موجب قانوني ۽ جانچ معاملن ۽ جي آئي ٽي رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ انهيءَ ڪيس ۾ دهشتگردي يا ٻيا قلم شامل ڪرڻ يا انهيءَ ڪيس کي دهشتگردي يا فوجي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.انهيءَ ۾ مشاورت ۾ سانحي ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي ته جيئن انهيءَ معاملي ايندڙ حڪمت عملي عدالتي حڪمن ۽ ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪيس کي نظر ۾ رکندي اختيار ڪئي ويندي.  ٻئي طرف وزير اعظم نواز شريف پمز اسپتال ۾ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڊاڪٽر شاهد نواز جي علاج لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ قدم ضروري آهن، وزير اعظم گهرو کاتي کي اسڪولن ۽ اسپتالن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *