وزير اعظم هڪ ارب 96 ڪروڙ ۽ عمران خان 4 ڪروڙ 54 لک رپين جا مالڪ آهن: انگ اکر جاري

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن پارليمينٽ جي ميمبرن جي مالي سال 2014-15 جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزير اعظم نواز شريف هڪ ارب 96 ڪروڙ جڏهن ته عمران خان 4 ڪروڙ 54 لک رپين جو مالڪ آهي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل تفصيل موجب وزير اعظم ۽ عمران خان جي پرڏيهه ۾ ڪابه ملڪيت نه آهي، وزير اعظم هڪ ارب 96 ڪروڙ رپيا جڏهن ته عمران خان 4 ڪروڙ 54 لک رپين جا مالڪ آهن، وزير اعظم جي اپر مال جي ملڪيت جي موجوده قيمت 25 ڪروڙ رپيا آهن ۽ سندس مخلتف زرعي اراضي جي ماليت هڪ ارب 7 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، وزير اعظم جي زرعي اراضي تحفي ۽ وراثت ۾ مليل آهي، سندس گهر واري ڪلثوم نواز جي هال روڊ تي ملڪيت جي قيمت 10 ڪروڙ رپيا آهي، جڏهن ته وزير اعظم جي پُٽ حسين نواز 21 ڪروڙ 56 لک رپيا پرڏيهه مان موڪليا، ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي سربراهه جي اثاثن جي تفصيل موجب عمران خان جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڪوبه ڪاروبار نه آهي ۽ سندس بني گالا جي گهر جي قيمت 75 ڪروڙ رپيا آهي، جنهن بابت هُن ٻڌايو آهي ته هيءَ گهر سندس اڳوڻي گهر واري کيس تعفي ۾ ڏنو هو، عمران خان جي پاڪستان ۾ موجود ملڪيت جي قيمت 3 ڪروڙ 31 لک رپيا آهي ۽ سندس پرڏيهه ۾ ڪابه ملڪيت موجود نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *