وزير اعظم نواز شريف 26 لک 11 هزار ۽ عمران خان 2 لک 81 هزار رپيا ٽيڪس ادا ڪيو: ايف بي آر انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) فيڊرل بورڊ آف ريوينيو پارليامينٽ جي ميمبرن جي ٽيڪس ڊائريڪٽري ٻه هزار چوڏهن جاري ڪري ڇڏي آهي. ڊائريڪٽري ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزير اعظم نواز شريف ڇهويهه لک يارهن هزار رپين جي آمدني ٽيڪس ادا ڪئي. جڏهن ته خزاني جي وزير اسحاق ڊار ٻاويهه لک ڇهاسي هزار رپين جي ٽيڪس ادا ڪئي. حمزا شريف اٺيتاليهه  لک اٺاسي هزار رپين،فاٽا جي تاج آفريدي ٻه ڪروڙ چاليهه لک رپين جي آمدني ٽيڪس ادا ڪئي. جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ايڪونجاهه لک پنجويهه هزار رپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪئي. ان سان گڏ شاهد خاقان عباسي ٻاويهه لک تيرهن هزار رپين جي آمدني ٽيڪس ادا ڪئي. چوڌري نثار علي ڇهه لک ايڪيتاليهه هزار، عمران خان ٻه لک ايڪاسي هزار رپين جي ٽيڪس ادا ڪئي ۽ شاهه محمود قريشي پندرهن لک ٽيٽيهه هزار رپين جي ٽيڪس ادا ڪئي. نواز ليگ جي سيڪريٽري جنرل اقبال ظفر جڳهڙا هڪ ٽڪو به ٽيڪس نه ادا ڪيو. جڏهن ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ بيريسٽر اعتزاز احسن هڪ ڪروڙ چوويهه لک چوويهه هزار رپين جي ٽيڪس ادا ڪئي. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد ٽي لک پندرهن هزار رپين جي ٽيڪس ادا ڪئي . مولانا فضل الرحمان پندرهن هزار ڇهه سو اٺاسي رپيا ۽ سيد خورشيد شاهه رڳو ٻاهٺ هزار ٽيڪس ادا ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *