وزير اعظم نااهلي ڪيس، اڌ اسيمبلي به فارغ ٿي وڃي فرق نٿو پوي، فيصلو ضرور ڏبو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ وزيراعظم جي ناهلي لاءِ داخل هڪ درخواست ۾ اٿاريل قانوني نڪتن تي اٽارني جنرل کان هڪ هفتي ۾ جامع جواب گهري ورتو جڏهن ته جسٽس جواد ايس خواجا رمارڪس ڏنا آهن ته عدالت اسيمبلي ميمبرن جي صادق ۽ امين هجڻ جي شرط متعلق درخواست تي فيصلو ضرور ڏيندي، اڌ اسيمبلي به فارغ ٿي وڃي تب کين فرق نٿو پوي. جسٽس جواد ايس خواجا ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيڻ متعلق درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ياد رهي ته اها بئنچ 3 هڪ جهڙين درخواستن جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي. اهي درخواستون پي ٽي آءِ جي اڳواڻ اسحاق خاڪواني، ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعتحسين ۽ ايڊووڪيٽ گوهر نواز سنڌو طرفان داخل ڪيون ويون هيون، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ کان وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي. درخواست گذارن جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ وزيراعظم پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران 9 2 آگسٽ تي مبينا طور تي ڪوڙ ڳالهايو هو ته موجودهه سياسي تعطل جي خاتمي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ حڪومت وچ ۾ فوج کي ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ حڪومت گذارش نه ڪئي هئي. حڪومت طرفان اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ عدالت ۾ پيش ٿيو. درخواست گذار ايڊووڪيٽ گوهر نواز عدالت کي اپيل ڪئي ته اها هاءِ ڪورٽ واري فيصلي خلاف اپيل ۾ آيو آهي، عدالت عظميٰ سندس گذارشن کي ٻڌي. جسٽس جواد ايس خواجا پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اسان اوهان کي به ٻڌنداسين پر اڄ 2 رڪني بئنچ آهي، ٽيون جج موجود نه آهي. اٽارني جنرل چيو ته اهو معاملو پهرين ئي لارجر بئنچ سامهون موجود آهي، اهم سوال اهو آهي ته اهو معاملو آئين جي آرٽيڪل 6 6 تحت عدالتي دائريڪار ۾ اچي ٿو يا نه. درخواست گذار گوهر سنڌو چيو ته هڪ ڀيرو طئي ٿي وڃڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح جا ماڻهو اسيمبلين ۾ پهچندا. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته قوم چاهي ٿي ته انهن جا نمائندا سچا هجن، قوم سان سچ ڳالهائڻ هر شخص جو فرض آهي. هن رمارڪس ڏنا ته عدالت اسيمبلي ميمبرن جي صادق ۽ امين هجڻ جي شرط متعلق درخواست تي فيصلو ضرور ڏيندي، اڌ اسيمبلي به فارغ ٿي وڃي تڏهن به کين فرق نٿو پوي. هن چيو ته اسان به چاهيون ٿا ته اهو معاملو هڪ ڀيرو طئي ٿي وڃي، اڃا مڪاني چونڊون به ٿيڻيون آهن ۽ اُتي به اميدوارن جي صادق ۽ امين هجڻ جا جهڳڙا ٿيندا، ان لاءِ ان مسئلي تي عدالت جو ڪو نه ڪو فيصلو بطور مثال هئڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ان فيصلي سان هڪ ميمبر يا اڌ اسيمبلي فارغ ٿي وڃي اسان کي ان مان ڪو فرق نٿو پوي. عدالت وزيراعظم جي نااهلي واري ڪيس ۾ ٻين ٻن ڌُرين ق ليگ جي چوڌري شجاعت حسين ۽ تحريڪ انصاف جي اسحاق خاڪواني کي هدايت ڪئي ته اهي تحريري طور تي آگاهه ڪن ته ڇا اهي ذاتي حيثيت ۾ يا پنهنجي پارٽين طرفان ان ڪيس جي پيروي ڪندا. عدالت درخواست گذار گوهر سنڌو طرفان اٿاريل قانوني نڪتن تي اٽارني جنرل کان جواب گهرندي درخواستن جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 3 1 0 2 ع ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ لاهور ۾ تحريڪ منهاج القرآن سيڪريٽريٽ تي پوليس جي فائرنگ سان ڪارڪنن جي مارجڻ تي احتجاجي طور وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رکيو آهي. اسلام آباد ۾ ڌرڻن دوران فوج طرفان حڪومت ۽ احتجاج ڪندڙ پارٽين وچ ۾ معاملو حل ڪرائڻ لاءِ سهولتڪار بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، جنهن تي وزيراعظم قومي اسيمبلي ۾ بيان به ڏنو ته فوج کي ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست نه ڪئي وئي هئي. وزيراعظم جي بيان بعد آءِ ايس پي آر هڪ بيان ۾ چيو هو ته وزيراعظم آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ۾ اها درخواست ڪئي هئي ته هو موجودهه سياسي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ بطور مددگار پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *