وزير اعظم مالي بجيٽ 16-2015 جي سالياني ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم نواز شريف ،قومي اقتصادي ڪونسل جي اجلاس کانپوءِ مالي بجيٽ 2015-16 جي سالياني ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس وزير اعظم نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ خيبرپختون خوا ۽ گلگت بلتستان جي گورنرن سميت چئني صوبن جي وڏن وزيرن، خزاني جي وزيرن سميت وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي 2014-15 دوران ملڪي معيشت ۽ ايندڙ مالي سال جي لاءِ ڪاٿن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پهرين جولائي کان شروع ٿيندڙ نئين مالي سال لاءِ ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ پندرهن سو ٽيهه ارب رپين جي به منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي صوبن جي مطالبي تي صحت لاءِ يارهن ارب ڏهه ڪروڙ رپيا رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ واٽر ڪورسز جي لاءِ هلندڙ مالي سال دوران ٻه ارب جاري ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ڪراچي ۾ پاڻي جي منصوبي ڪي فور جي لاءِ ٻه ارب ۽ ايندڙ مالي سال لاءِ اڍائي ارب رپيا مختص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي جي پاڻي لاءِ وڌيڪ فنڊ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي وزير اعظم خاطري ڪرائي ته گهربل رقم فراهم ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *