وزير اعظم سينيٽ چونڊن تي مقابلي بدران گڏ ويهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف سينيٽ چونڊن تي مقابلو ڪرڻ بدران گڏ ويهي، حڪومت اپوزيشن کان هاري وڃي ته نيڪ شگون نه هوندو، هڪ سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ غلط آرڊيننس جاري ڪيو، اهو نواز شريف جي تڪبر جو امتحان آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته جڏهن حڪومت اهو سوچي ته اها سينيٽ چونڊون کٽي سگهي ٿي ته ان جو مطلب واضح آهي ته حڪومت جي ڪاميابي مشڪل آهي، حڪومت کي اعتماد نه آهي ته اها پڪ سان چونڊون کٽي ويندي. هن چيو ته اهو وزيراعظم نواز شريف جي تڪبر جو امتحان آهي، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت کي اتفاق راءِ ڏانهن وڃڻ گهرجي ، حڪومت وٽ پيپلزپارٽي جي مفاهمتي پاليسي ذريعي اڳتي وڌڻ جو سٺو موقعو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته اڄ اهڙيون حالتون آهن جو پيپلزپارٽي ۽ اتحادي پارٽيون سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين شپ کٽي رهيون آهن، نواز شريف کي اپوزيشن پارٽين سان گڏ ويهي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ اميدوار فائنل ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن وزيراعظم نواز شريف مقابلو ڪيو ۽ آپوزيشن جا اميدوار سينيٽ چونڊون کٽي وڃن ٿا ته ميان صاحب لاءِ اڳتي ايندڙ ڏينهن لاءِ اهو نيڪ شگون نه هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *