وزير اعظم سان اختر مينگل جي ملاقات، گم ٿيل ماڻهن جي معاملي ۾ جلد اڳڀرائي ٿيندي: جهانگير ترين

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان سان بي اين پي مينگل جي سربراهه اختر مينگل جي ملاقات ۾ 10 مهينن ۾ ڏکيائيون حل ڪرڻ جو طريقيڪار تيار ڪيو ويو آهي، جهانگير ترين جو چوڻ آهي ته اختر مينگل ۽ سندس وفد کي مطمئن ڪيو ويو آهي.  وزيراعظم عمران خان جي اختر مينگل جي قيادت ۾ بي اين پي وفد سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ پرويز خٽڪ، نعيم الحق، جهانگير ترين، نديم افضل چن ۽ شهزاد ارباب به موجود هئا. ملاقات دوران اهم اڳڀرائي ٿي ۽ 10 مهينن ۾ ڏکيائون ختم ڪرڻ جو طريقيڪار تيار ڪيو ويو ۽ ٻنهي پارٽين وچ ۾ طئه ٿيل معاملن تي مڪمڪل عمل يقيني بڻائڻ جو فيصلو به ڪيو ويو.  وزيراعظم جي بي اين پي وفد سان ملاقات کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي ۾ جلد اڳڀرائي ٿيندي، وفاقي نوڪرين ۾ بلوچستان جي 6 سيڪڙو ڪوٽا تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته اختر مينگل ۽ سندس وفد کي مطمئن ڪيو ويو آهي، اڳتي وڇوٽيون نه ٿين تنهن بابت به طريقيڪار طئه ڪيو ويو آهي، 10 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ ملڻ بي اين پي جو حق آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *