وزير اعظم سان آمريڪي پرڏيهي وزير جي ملاقات، پاڪ-آمريڪا لاڳاپن تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو)  وزيراعظم نواز شريف سان آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري ملاقات ڪري ٻه طرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. پي ايم هائوس ۾ وزيراعظم سان آمريڪي پرڏيهي وزير ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن، خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻين گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم جزو آهي، 16 ڊسمبر تي پشاور حملي کانپوءِ آمريڪي صدر باراڪ اوباما جو دوستي ۽ تعاون جو پيغام قابل تحسين آهي، هن اها ڳالهه آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري سان سومر ڏينهن وزيراعطم هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته 16 ڊسمبر تي پشاور سانحي کانپوءِ آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي دوستي ۽ تعاون جي پيغام کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، وزيراعظم پاڪستاني مصنوعات لاءِ وسيع تر پهچ ۽ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري تي پاڪستان جو ڌيان کي اجاگر ڪيو . ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتو. پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز ايئرپورٽ تي جان ڪيري جي آجيان ڪئي. دوري جي ٻئي ڏينهن پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اسٽريٽرجڪ ڳالهين جو دور ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي سرتاج عزيز ڪندو. ڳالهين ۾ پاڪ – آمريڪا ورڪنگ گروپ جي نتيجن بابت غور ڪيو ويندو جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿيندي. ذريعن موجب آمريڪي پرڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران پاڪستاني قيادت کي صدر براڪ اوباما جي هلندڙ مهيني ڀارتي دوري بابت آگاهي ڏيندو. پاڪستاني اختيارين، پاران لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت جي بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري بابت جان ڪيري سان ڳالهايو ويندو جڏهن ته پاڪستان کي سول نيوڪليئر ضرورت کان به آگاهي ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *